سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبائي حڪومت پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ هيٺ صحت جون بهترين خدمتون مهيا ڪري رهي آهي. تنهن ڪري پ پ پ موڊ هيٺ سمورن رنڊڪن جو تدارڪ ڪندي ان کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻايو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڄ صوبي ۾ پ پ پ موڊ هيٺ شروع ڪيل صحت جي خدمتن بابت ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، ناڻي کاتي جو سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري چيو ته ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال بدين جيڪا انڊس اسپتال جي انتظاميه کي ڏني وئي هئي، هوءَ اسپتال کي بهترين طريقي سان هلائي رهيا آهن. سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو چيو ته 111 صحت جي سهولتن جون صحت جي خدمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت خانگي ڀائيواري هيٺ ڪاميابي سان صحت جي خدمتون مهيا ڪري رهي آهي تنهن ڪري هن کي وڌيڪ سٺي نموني ترتيب ڏنو وڃي ته جيئن انهي ڀائيواري کي سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڌيڪ لاڀائتو بڻائي سگهجي. وڏي وزير صحت ۽ ناڻي کاتن کي هدايتن ڪئي ته اهي خانگي ڀائيوارن جي خاص طور بجيٽ بابت زير التوا مسئلن کي حل ڪن. وڏي کي جي هدايتن تي ناڻي کاتي  ڊي ايڇ ڪيو بدين کي ويٽنگ ايرياز، واش رومن جي تعمير، مسافرن ۽ مريضن لاءِ ٻيون سهولتون ڏيڻ لاءِ 354 ملين رپيا جاري ڪيا آهن. سنڌ حڪومت سجاول ۽ ٺٽي ضلعن ۾ امن فائونڊيشن جي ڀائيواري هيٺ پيپلز ايمبولينس سروس هلائي رهي آهي. وڏي وزير بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن لاءِ ايمبولينس سروس جي فراهمي جي پڻ منظوري ڏني. وڏي وزير صحت واري صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته هو ايڇ آئي ايس هيٺ هلندڙ 111 صحت جي سهولتن جو جائزو وٺي ۽ انهيءَ حوالي سان ٿيندڙ پيش رفت بابت سندن رپورٽ پيش ڪري. اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته صحت کاتو خانگي شراڪت دارن کي سندن خدمتن ۾ واڌ بابت سڀئي سهولتون مهيا ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *