اليڪشن ڪميشن نواز شريف ۽ راجا ظفر الحق کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) الڪيشن ڪميشن آف پاڪستان  مسلم ليگ نون  جي اڳوڻي سربراهه نوازشريف جي خلاف داخل ٿيل درخواستن  تي ٻڌڻي کان پوءِ نون ليگ کي نوٽيس جاري ڪندي پارٽي چيرمين راجا ظفر الحق کان 13 سپيٽمبر تائين جواب طلب ڪيو. تفصيل موجب اڳوني وزيراعظم جي خلاف پي ٽي آئي، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ اسلام آباد جي رڪن نياز انقلابي درخواستون داخل ڪيو هيون، جن ۾ موقف ڏنو ويو ته نااهلي کانپوءِ نوازشريف مسلم ليگ نون جي وصدر نه ٿو رهي سگھي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي گڏ ڪري ڇڏيو هو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بينچ نوازشريف جي خلاف داخل ٿيل درخواست تي ٻڌڻي شروع ڪئي، پي ٽي آئي اڳواڻ ياسمين راشد پاران ۽ ان جي وڪيل بابر اعوان اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ، بابر اعوان چيو ته نوازشريف جي نااهلي کانپوءَ مسلم ليگ نون نوازشريف جو نالو به استعمال نه ٿي ڪري سگھي. پر نوازشريف پارٽي اجلاس ۾ ويهي فيصلا به ڪيا، هن چيو ته پارٽي اجلاس گھرائڻ کان اڳ ئي نون ليگ جو وقتي صدر جو نالو سامهون اچي ويو هو ۽ چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ۾ به اهي اعتراض ڪيا هئا. هن چيو ته پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر جي تحت وقتي صدر جي ڪابه گنجائش ناهي.  جڏهن الڪيسن ڪمشنر بابر اعواڻ کان پڇيو ته توهان اها درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڇچو نه ٿا ڪيو جنهن تي بابر  اعواڻ چيو ته اسانکي صرف هڪ رستو ئي پار ڪرڻون آهي، اسان سمجھو پهريان توهان وٽ اچڻ گھرجي. چيف الڪشن ڪميشنر چيو ته اڄ ته الڪشن ڪمشن جو دائري ڪار تمام وڌي ويو آهي جنهن کانپوءَ اليڪشن ڪميشن کي ٽنهي درخواستن تي نون ليگ کي نوٽيس جاري ڪندي پارٽي چيرمين راجا ظفرالحق کان 13 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *