طاهر القادري جو 17 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري 17 جنوري کان مسلم ليگ ن جي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هاڻ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله کان استعيفيٰ گهرنداسين نه پر وٺنداسين. لاهور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهي ماڊل ٽائون جي شهيدن جي رت ۽ سڄي پاڪستان جو حساب ڏيندا. طاهر القادري چيو ته هاڻ ڳالهه استعيفيٰ تائين محدود ناهي رهي، هاڻ سڄي مسلم ليگ ن جو خاتمو ٿيندو.  هن چيو ته جتي جتي پاڪستان جي جمهوريت ختم ڪئي وئي، آئين کي پامال ڪيو ويو هر ڏوهه جو حساب ورتو وڃي. طاهر القادري الزام لڳايو ته مسلم ليگ ن آئين ۽ جمهوريت کي بي توقير ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته احتجاجي جو انتظامي جائزو وٺڻ لاءِ ايڪشن ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن جو پهريون اجلاس 11 جنوري تي ٿيندو جڏهن ته جن فيصلن جو اعلان ڪيو پيو وڃي انهن تي سمورين پارٽين سان ڳالهيون ڪيون وينديون. هن چيو ته ڪميٽي ۾ قمر الزمان ڪائره، عليم خان، ڪامل علي آغا شامل، شيخ رشيد، ناصر شيرازي، خرم نواز گنڊاپور ۽ لياقت بلوچ شامل هوندا.  هن وڌيڪ چيو ته 17 جنوري تي احتجاج ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين سياسي پارٽين جي سربراهن کي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *