جمهوريت جو نالو کڻندڙن کي قبرون کوٽڻ وارن سان اتحاد مبارڪ هجي: مريم نواز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ چيو آهي ته جمهوريت جو نالو کڻندڙ کي قبرون کوٽڻ وارن سان اتحاد مبارڪ هجي. طاهر القادري اڄ هڪ پريس ڪانفرنس سان خطاب ۾ 17 جنوري کان مسلم ليگ ن جي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان اعلان جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سميت ٻين پارٽين جا اڳواڻ موجود هئا. مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ائين توهان عوام جو رستو روڪيندا؟ الله ڪندو ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. هن چيو ته جيڪو پاڪستان جو شهري ناهي، جنهن وقت پوڻ تي پاڪستان خلاف هٿيار کڻڻ جو حلف کنيو آهي، جنهن جون وفاداريون غدارن سان آهن، اهو اڄ هن قوم جي ناليوارن ليڊرن جو ليڊر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *