طاهر القادري کي پرامن احتجاج جي اجازت آ، جيڪڏهن بدامني ٿي ته حرڪت ۾ اچبو: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته احتجاج پرامن نه ٿيو ته حرڪت ۾ اينداسين. تفصيل موجب پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته طاهر القادري کي پرامن احتجاج جي اجازت آهي پر جيڪڏهن احتجاج تي امن سان نه ٿيو ته حرڪت ۾ اينداسين جڏهن ته استعيفيٰ گهرڻ قادري جي عادت بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته اهي ماڻهو 4 سالن کان استعيفيٰ گهري رهيا آهن جڏهن ته انصاف جو استعيفيٰ سان به ڪو تعلق ناهي ڇو ته انصاف عدالت مان ملندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *