صوبن کي اين ايف سي ۾ ڪنهن کي حصو گهٽ ناهي ڏنو، بلاول نااهل آهي: شهباز گل

ڪراچي (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شهباز گل چيو آهي ته صوبن کي اين ايف سي ۾ ڪنهن کي حصو گهٽ ناهي ڏنو بلاول نااهل آهي درخواست ڏئي ڇڏيو وفاق سنڌ ۾ پاڻ ڪم ڪندو پيپلزپارٽي پاڻي تي سياست ڪري رهي آهي، ويڪسين وفاق سڀ کان وڌيڪ سنڌ کي ڏني آهي، سنڌ حڪومت ڪتي جي ويڪسين به خريد ناهي ڪئي چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته بلاول پرچي چيئرمين آهي، هي ايترو نااهل آهي جو ان کان پنهنجو ٽارگيٽ پورو نٿو ٿئي سندس خراب ڪارڪردگي جي ڪري اسان کي سنڌ ۾ نالن ۽ گٽرن جو ڪم به ڪرڻو پئجي رهيو آهي سنڌ مان پئسا ايان علي جي ذريعي ٻاهرين ملڪ ويندا هئا سنڌ حڪومت کي هر صورت هڪ هڪ رپئي جو حساب ڏيڻو پوندو سنڌ جي عوام ميڊينٽ ڏنو ان جي حق ۾ آواز اٿاريندا رهنداسين عوام کي پيپلزپارٽي جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏينداسين اڱاري تي گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز گل چيو ته بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت تي ٽيڪس ڪليڪشن ۾ ناڪام ٿيڻ جو الزام مڙهيو ان کي وفاقي حڪومت جي ٽيڪس ڪليڪشن جي ڳڻتي ڇو آهي گذريل سال سنڌ حڪومت 128 ارب جو ٽِڪس حدف رکيو سنڌ حڪومت ٽيڪس حدف ئي عبور نه ڪري سگهي پنجاب حڪومت ٽيڪس اڳاڙي جي حدف ۾ واڌ ڪئي هن چيو ته سنڌ حڪومت نان ٽيڪس روينيو جو ٽارگيٽ 50 ارب رکيو پر حاصل 12 ارب ڪيو اوهان ته ايترا نااهل آهيو جو اوهان کان پنهنجو رکيل ٽارگيٽ حاصل نه پيو ٿئي اهو مان نه پيو چوان هي دستاويز ٻڌائي رهيا آهن مون کي ناهي خبر ته ان ۾ ڪيترو سچ آهي ۽ ڪيترو ڪوڙ آهي، هن ٻڌايو ته ترقياتي اسڪيمون 155 ارب جون ڏنيون هيون پراجيڪتس تي رڳو 100 ارب رپيا خرچ ڪيا رقم ڪٿي رکيل آهي. ڇو عوام تي خرچ ناهي ڪئي وئي. گذريل سال سنڌ حڪومت وٽ ڪيش30 ارب هئي. ان جا ڌنڌا ئي ڪيش تي هلن ٿا بلاول زرداري الزام مڙهيو ته وفاقي حڪومت ٽيڪس گڏ ناهي ڪئي. بلاول زرداري کي ٽيڪس سان نه سنڌ کي ملندڙ پئسي سان مطلب هو بلاول پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي اسان ڪم ڪري ڏيکارينداسين. سنڌ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ بجيٽ ۾ رکيل رقم به خرچ نه ڪئي وئي سنڌ کي گذريل سال وفاق پاران 725 ارب جڏهن ته هلندڙ سال 884 ارب رپيا مليا شهباز گل چيو ته وفاق 700 ارب سبسڊي ڏني صوبي 12 ارب ڏنا ٽرانسپورٽ لاءِ 539 ملکين رکيا ويا. خرچ 311 ملين ڪيا ويا. پنجاب ۾ 5 ارب رکيا ويا 3 ارب خرچ ڪيا ويا پنجاب ۾ ميٽرو جي سبسڊي 10 ارب آهي سڀ کان وڌيڪ تڪليف سنڌ ۽ ڪراچي وارن کي آهي سنڌ حڪومت پئسا وٺي ويڪسين لڳائي ڇڏي شهباز گل ٻڌايو ته وفاق هن دفعي ٽيڪس وڌيڪ گڏ ڪئي هتي هيلٿ ڪارڊ ناهن ڏنا ويا سنڌ ۾ ته ماڻهو بيمار ئي نٿا ٿين اوهان ڪتي چڪڻ جي ويڪسين ڇو نه ورتي هن چيو ته 35 ارب ان جي اڪائونٽ ۾ وڌيڪ اچي ويا آهن. جڏهن پئسا اوهان جي اڪائونٽ ۾ پيا آهن ته عوام تيڇو نٿا خرچ ڪريو اوهان هر شئي ۾ ناڪام آهيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *