ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي اچي وئي، 24 ڪلاڪن ۾ 27 مريض فوت

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي اچي وئي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هاڪاري ڪيسن جي شرح 1.69 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا 8 مهينن کانپوءِ ڪيسن جي گهٽ ترين شرح آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 39017 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 663 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، اها هاڪاري ڪيسن جي 1.69 سيڪڙو شرح آهي. اين سي او سي ٻڌايو ته 8 مهينن کانپوءِ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي گهٽ ترين شرح رڪارڊ ٿي آهي، ان کان اڳ 18 آڪٽوبر تي هاڪاري ڪيسن جي شرح 1.64 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 27 ڄڻا وائرس سبب فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ فوتين جو ڪُل انگ 22 هزار 34 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ 9 لک 49 هزار 838 آهي، جن مان 8 لک 94 هزار 352 صحتياب ٿي چڪا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *