ڪنگنا رناوت ”انڊيا“ مان جان ڇڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت انڊيا جو نالو تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.پنهنجي بي خوف بيانن سان سڃاتي ويندڙ اداڪارا ڪنگنا رناوت هڪ ڀيرو ٻيهر نئون مطالبو ڪري سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي.ڪنگنا رناوت اڃا پاسپورٽ جي تجديد جي تڪرار مان نڪتي ئي نه هئي ته هن ”انڊيا“ جي نالي بابت پوسٽ شيئر ڪري ڇڏي، جنهن تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي.اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته ”ڀارت رڳو هڪ ئي صورت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو ته ان جون پاڙيون قديم روحانيت ۽ حڪمت سان جڙيل هجن، جيڪو اسان جي تهذيب جو اصل روح آهي“.سندس چوڻ هو ته ”دنيا اسان کي ڏسندي ۽ اسان دنيا ۾ عالمي اڳواڻ طور اڀرنداسين پر ان لاءِ اسان کي غلاماڻي نالي انڊيا مان جان ڇڏائڻي پوندي، ڇا اسان انگريزن جي ان غلاماڻي نالي کي ٻيهر ڀارت ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا، حقيقت ۾ انڊيا نالو اسان کي انگريزن ڏنو هو، جنهن جو ڪو مطلب ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *