صوبن کي اختيار ڏيڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، مقامي حڪومتي نظام بااختيار هجڻ گهرجي: اسد عمر

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران سنڌ جي مڪاني نظام جي خلاف ڪوٺايل ڪراچي اسٽيڪ هولڊرز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي نئين مڪاني نظام کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي ڪارو قانون قرار ڏيندي چيو ته هي بلداياتي قانون آئين سان ٽڪراءُ آهي هن قانون ذريعي بلدياتي نمائندن ۽ ادارن جا اختيار گهٽايا ويا آهن اڄوڪي ڪانفرنس ان عزم کي ورجائي ٿي ته هن قانون جي خلاف هر پليٽ فارم تي جدوجهد ڪئي ويندي سنڌ جا اسٽيڪ هولڊرز هن بلدياتي قانون واپس وٺڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا هن قانون جي خلاف 19 ڊسمبر تي عوامي احتجاج ڪيو ويندو هن ڪانفرنس ۾ گڏيل طور تي گهر ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت هي قانون بنا دير واپس وٺي سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي جيڪا نون مڪاني قانونن جو مسودو تيار ڪري نئين مڪاني قانون ۾ بلدياتي ادارن ۽ نمائندن کي آئين جي آرٽيڪل 140 تحت اختيار ڏنا وڃن اهڙن خيالن جو اظهار سياسي، مذهبي جماعت، تاجر تنظيمن، سماجي اڳواڻن ۽ ٻين پاڪستان تحريڪ انصاف تحت سنڌ حڪومتجي نئين بلدياتي نظام جي خلاف مڪاني هوٽل ۾ ڪوٺايل ڪراچي جي آل اسٽيڪ هولڊرز ڪانفرنس ۾ ڪيو ڪانفرنس ۾ سياسي جماعتن سميت ايف پي سي سي آئي، ڪراچي چيمبرز اين جي اوز ۽ ٻيون نمائنده تنظيمون شريڪ ٿيون ڪانفرنس ۾ جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم پاڪستان، جي ڊي اي، مسلم ليگ (ق) سني تحريڪ پاڪستان عوامي تحريڪ ايم ڊبليو ايم سميت ٻين جماعتن کي دعوت ڏني وئي هئي ڪانفرنس ۾ حليم عادل شيخ، محمود مولوي، خرم شيرزمان، فردوس شميم نقوي، آفتاب صديقي، پي ٽي آئي قومي ۽ صوبائي اسيمبيل ميمبر به ڪانفرنس ۾ موجود هئا ڪانفرنس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي ڪانفرنس کي وفاقي وزير، اسد عمر، حليم عادل شيخ، خرم شيرزمان، فردوس شميم نقوي، وسيم اختر، محمد حسين، طارق حسن، ڊاڪٽر سليم حيدر، محمد علاءالدين، عطيق مير، فيصل گلزار، بلال غفار ۽ ٻين به خطاب ڪيو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽وفاقي وزير اسد عمر چيو ته سنڌ ۾ جيڪو مڪاني نظام پهريان موجود هو ان تي مان ۽ وزيراعطم پتيسن تي صحيحون ڪندڙ آهيون. جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ موجود آهي سياست چند خاندانن جي قبضي ۾ آهي اهي چاهين ٿا ته اهي مالدار هجن ۽ سمورا اختيار انهن وٽ هجن عوام کي اختيارنه ڏ نو وڃي ته مسئلا حل نه ٿيندا اسلام آباد ۾ ماسٽر پلان تحت ڪم ٿي رهيو آهي اتي ميئر کي اختيار حاصل آهن شهر کي هلائيندڙ اختيار ميئر وٽ آهن اسان سڀ گڏ ويهي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون هن چيو ته سنڌ جو گادي وارو هنڌ وڏي وزير کان خيرات نه پيو گهري اسان سنڌ اسيمبلي قومي اسيمبيل ۽ سينيٽ ۾ آواز اٿاريندا رهنداسين سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو آواز ڌٻائي نٿو سگهجي صوبي جي خودمختياري جي ڳالهه نه آهي، پاڪستان جي آئين جيڀڃڪڙي آهي اسان هن معاملي تي عدالت ۾ وڃي رهيا اهيون سڄي سنڌ ۾ اسان ان تي تحريڪ شروع ڪري چڪا آهيون حليم عادل شيخ چيو ته اسيمبلي ۾ قائدن مطابق اسان کي سنڌ حڪومت جوابناهي ڏنو سنڌ حڪومت چور بازاري سان بل پاس ڪيو اسيمبلي جو رول 99 چوي ٿو تهجيڪڏهن ڪوئي بل آندو وڃي ته انکي اسٽيڪ ڪميٽي ۾ موڪليو وڃي ٿو هڪ ڏينهن اڳ واٽس ايپ تي ايجندا اماڻيو وڃي ٿو ٻئي ڏينهن ٽيبل تي به ڪوئي ايجندا نهرکيو ويو اسان کي بل جو جائزو وٺڻو هو ته جيئن ترميم جمع ڪرائي سگهجي قانوني نقطن تي نطرانداز ڪيو ويو اسان کي ڪالهه احتجاج لاءِ ڀڙڪايو ويو هن چيو ته هي علي بابا چاليهه چورن جو ٽولو آهي غيرقانوني عمل سان بل کي پاس ڪريو ويو اصل بيماري هي بلدياتي ايڪٽ آهي. هن ايڪٽ ۾ سمورا اختيار کسيا ويا ٽينڪر سان شهر کي پاڻي ملي ٿو پر نلڪي مان نه برساتون گهٽ ٿيون. پاڻي گهٽ آيو ته چيو ته سنڌ تي حملو ٿي ويو. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ڪتن جي ويڪسين نه آهي 13 سالن ۾ 8 هزار 900 ارب رپيا آيا کرب 13 سئو ارب ٿيا پاڪستان آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن آئين جو سيڪشن 7 چوي ٿو ته مڪاني حڪومت رياست جو درجو رکي ٿو ڊيوليشن جو مطلب آهي ته هيٺين سطح تائين اختيار پهچن 2013 جو ايڪٽ آئِين سان ٽڪراءُ آهي خرم شيرزمان چيو ته اڄ سمورن ڪراچي جي اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت ڏني آهي مان اسٽيڪ هولڊرز جي شرڪت جو ٿورائتو آهيان ميڊيا جا سينيئر صحافي موجود آهن پاڪستان جون مختلف اين جي اوز اسان سان گڏ آهن اسٽيڪ هولڊرز کي شڪايت هئي ته کين آن بنورڊ نٿو ورتو وڇي اسان جي ڪانفرنس جو مقصد اسٽيڪ هولڊرز کي آن بورڊ  هڪ پيج تي وٺڻ آهي سنڌ صوبي ۾ جيڪو مڪاني قانون پاس ڪيو ويو اهو هڪ ڪارو قانون آهن اڄ اسان رڳو ڪراچي نه پر سڄي سنڌ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته 22 هزار کان وڌيڪ 8 مهينن ۾ گاڏيون چوريون ٿيون ننڍي اسڪول ۽ ڊي ايڇ ڪيو لا3 سکر وڃڻو پوندو اسان چاهيون ٿا تهسکر جا ماڻهو پنهنجا مسئلا سکر جي مقامي حڪومت وٽ کڻي وڃن اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي جي مقامي حڪومت وٽ ڪراچي جا مسئلا حل ڪرائڻ وڃن ڪراچي ۾عمارتون ڊاهي پٽ ڪيون پيون وڃن اسان چيف جسٽس کي درخواست ڪريون ٿا ته بلڊنگ ٺاهيندڙن کي پٽ ڪيو وڃي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ميئر جي ماتحت آندي وڃي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪرپشن جو ڳڙهه آهي فردوس شميم نقوي چيو ته آرٽيڪل 140 اي چوي ٿو ته بلياتي نظام بااختيار آهي، 2013 جو ايڪٽ بلڪل ابتڙ آهي آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي ته جيستائين پي ايف سي نه ٿئي تيستائين اين ايف سي جاري نه ٿئي سنڌ ۾ ظلم جو قانون پاس ڪيو ويو ان لاءِ رستن تي ڌرڻا ۽ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو هي ڪم ايڏو سولو ناهي اڄوڪي ٺهراءُ ۾ ٻه شيون شامل ڪيون وڃن هڪ بلدياتي اليڪسن جلد ڪرائي وڃي ٻيو اهم هن قانون کي رد ڪريون ٿا سپريم ڪورٽ انکي واضح ڪري ته بلدياتي قانون آئين سان ٽڪراءُآهي سنڌ جيماڻهن کي سندن جائز حق ڏيڻ لاءِ اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو ايم ڪيو ايم جي وسيم اختر چيو ته اڄ سڀ ماڻهو اها ئي ڳالهه ڪري رهيا آهن جيڪي مان 4 سال اڳ ڪري رهيو هيس مان جيل مان اليڪشن کٽي نڪتو هيس مان 40 ايف آئي آرز سان ٻاهر نڪتس سڄو ڪراچي اڄ مون وانگر روئي رهيو آهيميئر جي حيثيت ۾ مان 4 سال وڏو ڏکيو وقت گذاريو وڏو وزير ملاقات لاءِ لالي پاپ ڏيندو هو نهر خيام سنڌ جي وڏي وزير ٺهڻ نه ڏني. ڪجهه ڪرڻو هجي ها ته لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه اڄ ٻرن ها 1200 ارب رپيا کين 13 سالن کان ملي رهيا آهن انهن کان ڪوئي پڇي ته هي 1200 ارب ڪيڏانهن پيا وڃن هن چيوت ه مرادعلي شاهه چيو ته اسان مينارٽي ۾ آهيون ان جي ليڊر ايسٽ پاڪستان کي ميجارٽي ۾ تبديل ڪيو. ناظم آباد اوهان کي پينٽ پائڻ سيکاريو آهي، 71 ۾ وڏيرن رشوت جي پئسن سان گهر خريد ڪيا. وڏي وزير کي پينٽ پائڻ ناظم آباد سيکاريو پيپلزپارٽي هن شهر ۽ ملڪ جي دسمن آهي 309 ارب کان وڌيڪ ٽيس هي شهر ڏي ٿو ٻاهرين ملڪن ۾ سمورا اختيار ميئر وٽ هوندا آهن سياسي جماعتون سمورا اسٽيڪ هولدر هاڻي هڪ پيج تي آهن جي ڊي اي جي اڳاوڻ سردار عبدالرحيم چيو ته جيڪڏهن پ پ سنڌ جي پارٽي هجي ها ته لاڙڪاڻي ۾ ڪتي جي وويڪسين هوندي ٿرپارڪر ۾ ايئن ٻچا نه مرن ها هن بل سان سڄي سنڌ جا حق ڦٻايا ويندا اسان سڄي سنڌ ۾ هن بل جي خلاف اوهان سان گڏ آهيون جي ڊي اي جي پاليسي آهي ته متحده سنڌ مضبوط پاڪستان پ پ سنڌ جي جماعت هجي ها ته لاڙڪاڻي ۾ ڪتن جي ويڪسين هجي ها اسان کي ان تي مڪمل ڌيان رکڻو آهي دودو لاڙڪاڻو، ٿر جي لوڪل ڪائونسل تي به هيبل لاڳو ٿيندو آرٽيڪل 140 جي تحت جمهوريت جا 3 درجا آهن، ٽئين درجي کي بي توقير ڪيو ويو هي آئيني بحران پيدا ڪيو ويو آهي ميئر کي معاشي بي اختيار ڪيو ويو سنڌ حڪومت جي مرضي کان سواءِ ميئر ٽيڪس گڏ نٿو ڪري سگهي ميئر ڪم ڪيئن ڪندو اسان سڄي سنڌ ۾ پي ٽي آئي سان گڏ آهيون ڀلي مظاهرا ڪيا وڃن اسان هر پليت فارم تي گڏ آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *