جاهل اپوزيشن سان پلئه پيو آهي، ھُنن کي لسانيت ڦهلائڻ وارا بيان ڏيڻ کان روڪيو هو: وڏو وزير

نئون ديرو(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 27 ڊسمبر تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 14 هين ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ جلسو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان لکن جي تعداد ۾ پيپلز پارٽيءَ جا جيالا ورڪر ۽ ڀٽو خاندان جا عقيدتمند ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي پنهنجي شهيد قائدين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وفاقي حڪومت کي اهو ٻڌائڻ لاءِ گڏ ٿيندا ته هاڻي انهن جي ملڪ ۾ ڪا به ضرورت ناهي. اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ورسي جلسي جي حوالي سان انتظامن ۽ سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي پهتو آهيان جتي سيڪيورٽي بابت ڪجهه خصوصي هدايتون پڻ جاري ڪيون وينديون ته جيئن ورسي جي انتظامن کي عملي جامو پهرائي سگهجي. ڪرونا وائرس جي حوالي سان 2 سال اڳ جيڪي سنڌ حڪومت اپاءَ ورتا هئا ان جو فائدو پوري پاڪستان کي رسيو پر سنڌ کي وڌيڪ فائدو پهتو. هن وقت ڪرونا جي ٿيندڙ ٽيسٽن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا جا ڪيس فقط 1 سيڪڙو کان به گهٽ ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ وائرس سبب فوتين جي انگ ۾ به گهٽتائي اچي وئي آهي. خطرو پنهنجي جڳهه تي موجود آهي ان لاءِ اسان ضروري اپاءَ لازمي وٺنداسين. پر منهنجو ناهي خيال ته اسان ورسي جلسي ۾ عوام جي شموليت کي روڪي سگهنداسين. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي چئني صوبن جو عوام ورسي تي پاڻمرادو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچندو آهي ۽ انهن کي روڪڻ اسان جي وس جي ڳالهه ناهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 14 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي جلسي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو جتي هن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت  ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي. مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوزيشن جون ڳالهيون اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن ته اهي ڇا ٿا چاهين. بل تي اسان 8 کان 10 مهينن کان ڪم ڪري رهيا هئاسين ۽ سڀني سان مشاورت هلي رهي هئي ۽ اهو مقصد ته هر ڪنهن جي مشورو سئو سيڪڙو مڃيو وڃي ته پوءِ اسان ڪڏهن به ڪنهن نتيجي تي نه پهچون ها. بل لاءِ سڀني جماعتن جو سفارشو پڻ ورتيون ويون. اسان بل جلديءَ ۾ ان ڪري پيش ڪيو ته  17 نومبر تي سينسز کي فائنل ڪرڻو هيو جيڪو اپريل مهيني کان اليڪشن ڪميشن وٽ پينڊنگ ۾ پيل هيو. 6 مهينا دير ڪرڻ بعد 19 نومبر تي اليڪشن ڪميشن هڪ ليٽر موڪليو ته پهرين ڊسمبر تي اسين حدبنديون ڪنداسين ته قانون لاءِ اسان وٽ فقط 11 ڏينهن ئي بچيا هئا. ان ڪري بل اسان اسيمبلي ۾ آندو جنهن تي اڳ ۾ ئي مشاورت به ڪيل هئي ۽ ان ۾ ڪا ڪمي پيش رهيل هئي ته ان لاءِ اسان اسيمبلي جي اندر به چيو هو ۽ ترميمون به ڏنيون هيون پر اسيمبلي ۾ پيش نه ڪيون. گورنر جو ڪو به سياسي رول ناهي هوندو پر جيڪڏهن اهو ڪجهه ڪري ٿو ته اسان ان کي روڪي به نٿا سگهون آئين جو گورنر کي پاڻ خيال رکڻ گهرجي. ان باوجود به گورنر وٽ سڀني جماعتن پهچي مشاورت ڪرڻ بعد بل ۾ شامل ڪجهه شقن تي اعتراض واري بل واپس ڪيو هو ۽ انهن تي اسان ٻيهر غور ويچار ڪيو. اسان پهريان به اپوزيشن کي آگاهه ڪيو هو ته هنن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي. جنهن بعد اپوزيشن جماعتن جي خدشن تي 90 سيڪڙو ڪم ڪيوسين ۽ فقط هڪ ترميم تي اتفاق نه ڪيوسين جنهن ۾ ميئر، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين، ميونسپل چيئرمين، ٽائون چيئرمين ۽ يوسي چيئرمين جي سڌي چونڊ ڪرائي وڃي جيڪو ناممڪن هو ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ جو ميئر 22 ايم اين ايز جي اليڪشن لڙندو ته 2200 اميدوار بيهجي ويندا جيڪي به 5 سيڪڙو ووٽ کڻي سگهندا. اپوزيشن کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي پر اهو ممڪن ناهي ۽ اها ئي ڳالهه اسان نه مڃي. ٻي ڳالهه جيڪا گورنر لکي هئي ته هيلٿ، ايجوڪيشن، پوليس، آبپاشي، منيارٽي، ايگريڪلچر، وومين اينڊ پاور، لائيو اسٽاڪ سميت 11 کاتن لاءِ چيو ته انهن ادارن جا سربراهه هر ٽن مهينن جون رپورٽون تيار ڪري ڪائونسل ۾ پيش ڪندا. ڪائونسل ان تي مشاورت بعد اها صوبائي حڪومت کي اماڻيندي. اسان جيڪي بل ۾ ترميمون ڪيون اهي اسپيڪر پڙهي به ٻڌايون پر اپوزيشن جماعتن جو ان طرف ڪو ڌيان نه هو ۽ اهي هنگامو ڪري ر هيا هئا،  اسان جو جاهل اپوزيشن سان واسطو پيو آهي. جاهل اپوزيشن پنهنجو ترميمون ڏيڻ بجاءِ گارگندي لهي اچي ٿي ۽ اها جهالت جي نشاني آهي. ان سان گڏ گڏ جيڪي انهن لساني ڳالهيون ڪيون ان تي هو وڌائي ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ مون انهن کي چيو ته لسانيت تي مبني ڳالهيون نه ڪيو پر هو ان باوجود به ڪري رهيا آهن. اسان اڪثريت جماعت آهيون ۽ اپوزيشن مينارٽي جماعت آهي ان ڳالهه تي هو سمجهي رهيا آهن ته مان انهن کي غير مذهب چيو آهي. ماڻهن کي ڪافر قرار ڏيڻ وارا ڪم اپوزيشن جا آهن ۽ انهن جي سمجهه ۾ فقط اها ڳالهه ايندي آهي ته هنگامو، افراتفري، گارگند ڪيئن ڪجي؟ ان ۾ اهي ماهر آهن ۽ اسان کي اهو ڪرڻ نٿو اچي. چيو وڃي ٿو ته لاڙڪاڻي جا فيصلا ڪراچي ۽ ڪراچيءَ جا فيصلا لاڙڪاڻي ۾ ٿيندا آهن ۽ اها لسانيت جي ڳالهه آهي جنهن جو مون ذڪر ڪيو. هن صوبي جي چونڊيل حڪومت جو وڏو وزير آهيان نه ڪي صرف سيوهڻ جو جتان چونڊجي آيو آهيان. هنن جي اها سوچ غلط آهي ته مان فقط سيوهڻ تائين محدود آهيان ۽ اها انهن جو گهٽ عقل ۽ جاهليت جو ثبوت آهي. اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو چاهين ڇا ٿا. جيڪي گورنر جون آبزرويشن هيون انهن تي گورنر سڀني جماعتن کي سڏي مشاورت به ڪئي. اپوزيشن وارا افراتفري ۽ گارگند ڪرڻ ڄاڻن ٿا جنهن تي هنن کي شاباش ملندي آهي. جيڪڏهن مان ڪٿي غلط ڳالهه ڪريان ته اسان جي پارٽي جا قائدين پڇاڻو ڪندا آهن ۽ تنبيهه ٿيندي آهي. اهو ئي اپوزيشن ۽ صوبي جي حڪومت وچ ۾ فرق آهي. 27 ڊسمبر تي ملڪ جو عوام مهانگائيءَ خلاف شهيدن جي مزارن تي بيهي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو ۽ اهو وقت ياد ڪندو جڏهن پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ تيل جو في بئرل 140 ڊالر ۾ ملندو هو ۽ هن وقت 60 ڊالر ۾ في بئرل ملي رهيو آهي پوءِ به پيٽرول ان وقت جي حڪومت کان وڌيڪ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهيو آهي. وفاقي حڪومت سڀ الزام گذريل حڪومتن مٿان ۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت مٿان لڳائيندي آهي ۽ هو پاڻ ساڍن ٽن سالن کان حڪومت ۾ آهن شايد اها انهن کي اهو اندازو ئي ناهي ته هو حڪومت ۾ آهن. جيڪي سڀ الزام سنڌ حڪومت تي لڳائي رهيا آهن انهن کان چوان ٿو ته جيڪي الزام اوهان لڳائي رهيا آهيون انهن کي ٺيڪ به سنڌ حڪومت ۾ ويٺل پارٽي ئي ڪري سگهي ٿي ۽ اوهان جي وس جي ڳالهه ناهي. عوام فيصلو ڪري چڪو آهي ته پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي ته مهانگائي کي ختم ڪري سگهي. گذريل ساڍن ٽن سالن کان وفاقي حڪومت ٽن مهينن ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ جا واعدا ڪري رهي آهي پر وفاقي حڪومت جي لفٽ ابتي هلي رهي آهي ان جي ڪري غريب عوام مهنگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندو پيو وڃي. هنن کي عوام جو ڪو به احساس ناهي. وفاقي حڪومت جي حرڪتن جي ڪري عوام جي جيڪا حالت آهي ان جو اسان کي احساس آهي. ملڪ کي سڀ ڪجهه مهانگو ٿي ويو آهي فقط لوڻ مهانگو ناهي ڪيو شايد ان جي هنن کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي ته اهي عوام جي زخمن تي لوڻ ڀري ڀري ٻرڪي رهيا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو هنن لوڻ مهانگو ناهي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير بلدياتي سيد ناصر شاهه، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، سهيل انور سيال، مڪيش چاول، اعجاز جکراڻي، خورشيد جوڻيجو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ورسي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ انتظامي ڪاميٽيءَ جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي، ڊي ايڇ او، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، سيپڪو انتظاميا، روڊس، پبلڪ هيلٿ سميت مختلف کاتن جي عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جتي ورسي انتظامن بابت ڊي سي لاڙڪاڻو پاران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي تفصيلي بريفنگ ڏني. جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران سيڪيورٽي انتظامن ۽ ٽريفڪ پلان بابت تفصيلي آگاهي ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *