جمهوريت ختم ٿي ته ملڪ ٽٽي ويندو: جسٽس فائز عيسيٰ

ڪراچي(م ڊ)  سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته انسان ته ڇا جانورن کي به ساڙڻ کان منع ڪيو ويو آهي، ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي سالياني ڊنر تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدليه ۽ انتظاميه الڳ رهي ته ڪنهن کي ڊيڄارڻ ۽ ساڙڻ جي ضرورت نٿي پوي، هن وڌيڪ چيو ته هر جج جي دل ۾ الله تعاليٰ جو خوف هجڻ گهرجي ۽ جڏهن رڳو الله جو خوف هجي ته انصاف ٿيندو آهي، جسٽس فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته وڪيلن ۽ ججن جو مقصد هڪ ئي آهي يعني سچ جي ڳولا، جڏهن قانون جي پاسداري ڪنداسين ته پرامن قوم بڻجي وينداسين ۽ جڏهن جمهوريت ختم ٿي ته ملڪ ٽٽي ويندو، ٻئي طرف ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي صدر نعيم قريشي تقريب کي خطاب دوران جسٽس فائز عيسيٰ جي واکاڻ ڪندي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ انصاف جو وڏو نالو آهي، جسٽس فائز جيڪي فيصلا ڪيا اهي هميشه ياد رکيا ويندا، فاز عيسيٰ جي ابن ڏاڏن جو تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي سالياني ڊنر کي مشهور وڪيل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي اڳوڻي صدر علي احمد ڪرد پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته هن ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *