صوبائي حڪومت جي راضپي کانسواءِ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ ممڪن ناهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صوبائي حڪومت جي راضپي کانسواءِ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ ممڪن ناهي، اهڙو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي هو اسيمبلي ۾ ويندا. ڪراچي ۾ ميِڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ لاءِ اسيمبلي مان منظوري وٺڻ ضروري آهي، اختيارن ۾ واڌ جو فيصلو حڪومت جي رضامندي سان ڪيو ويندو،  رينجرز جي معاملي تي آرمي چيف جي رهنمائي حاصل آهي. وڏي وزير چيو ته رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ سنڌ سرڪار جي مرضي کانسواءِ نه ٿيندي، قانوني ماهرن سان مشاورت کانپوءِ رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي هو اسيمبلي ۾ ويندا. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، رينجرز جي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پوليس ۽ رينجرز گڏجي امن امان لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته صفورا سانحي جي جوابدارن کي هنن گرفتار ڪيو آهي، هاڻ عدالتن جو ڪم آهي ته انهن کي سزائون ڏين. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ آبادي وڌي رهي آهي، جنهن سان مسئلا به وڌي رهيا آهن، سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *