ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پـُر امن لاڳاپا چاهيون ٿا: وزيراعظم

اوسلو/اسلام آباد (م.ڊ/ بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته  ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پـُر امن لاڳاپا چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي پر امن رابطو قائم ڪري ويڇا ختم ڪرڻ گهرجن. روسي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ۽ عالمي قانونن جي پاسداري ڪري رهيو آهي. هن چيو  پاڪستان توانائي بحران جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، روس ۽ پاڪستان به توانائي شعبي ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪريرهيا آهن.  پاڪ ڀارت لاڳاپن بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن کي پر امن رابطو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو. وزيراعظم محمد نوازشريف چٽن لفظن ۾ واضح ڪيو آهي ته ايٽمي توانائي جي سلامتي ۽ حفاظت جو پاڪستان کي 40 سالن جو تجربو آهي پاڪستان جي ايٽمي اثاثن تائين دهشتگردن جي پهچ بابت خبرون بي بنياد آهن هي پروپيگنڊا جو حصو آهي هي سڀ بي بنياد ڳالهيون آهن معاشي ترقي لاءِ پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر ٿيڻ ضروري اهن شنگهائي تعاون تنظيم پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري وزيراعظم چٽن لفظن ۾ چيو ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا محفوظ هنٿن ۾ آهن دهشتگردن جي اثاثن تائين پهچ بابت افواهه بي بنياد آهن هلندڙ سال 14 مئي تي آمريڪي ڪانگريس پاران جاري رپورٽ ۾ پاڪستاني ايٽمي اثاثن بابت خدشن تي وزرياعظم چيو ته پاڪتان ايٽمي توانائي جي عدم ڦهلاءَ بابت قائدن ۽ ضابطن تي سختي سان ڪاربند آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *