جاچ 2002 ۾ ڪئي وئي مهلت 2015 ۾ گهري پئي وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، ميگا ڪرپشن ڪيسز بابت نيب جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي سومر تي ٻيهر تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت نيب پاران ايم سي بي جي نجڪاري بابت مهلت ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته جاچ 2002 ۾ ڪئي وئي، مهلت 2015 ۾ گهري پئي وڃي. جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ نيب جي ڪارڪردگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب ڏيڍ سئو ميگا ڪرپشن اسڪينڊلز بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. نيب رپورٽ موجب، مالي بي ضابطگين جا 22 ڪيس جاچ جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته 50ڪيس مالي بي ضابطگين ۽ 50 مالي اسڪينڊل جا آهن. رپورٽ موجب، اختيارن جي ناجائز استعمال بابت ٽوٽل 50 ڪيس آهن، جن مان 20 ڪيسز جي جاچ ڪئي پئي وڃي،  جڏهن ته اختيارن جي غلط استعمال تي بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساني خلاف به جاچ ڪئي پئي وڃي. نيب رپورٽ موجب، وزيراعظم نواز شريف خلاف ايف آءِ اي ۾ ڀرتين ۽ اختيارن جي غلط استعمال، آصف علي زرداري ۽ آفتاب شيرپائو خلاف وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ سميت ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف مني لانڊرنگ معاملي جي جاچ هلي رهي آهي. رپورٽ موجب،ا ڳوڻن وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، حسين حقاني، فردوس عاشق اعواڻ، اوگرا جي اڳوڻي چيئرمين توقير صادق، اي او بي جي اڳوڻي چيئرمين ظفر گوندل ۽ ٻين خلاف جاچ ٿي رهي  آهي.  سپريم ڪورٽ نيب جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي هدايت ڪئي ته سومر تي ٻيهر تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت جي پڇاڻي تي نيب پاران ايم سي بي بينڪ نجڪاري بابت جاچ لاءِ 4 هفتن جي مهلت طلب ڪئي وئي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس مقبول باقر ريمارڪس ۾ چيو ته بينڪ جي نجڪاري تي نيب اڳ ئي 2002 ۾ جاچ ڪري چڪو آهي،جاچ بعد هاڻي مهلت ڇو پئي گهري وڃي، جاچ 2002 ۾ ٿيل جاچ صحيح نه هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *