صنعتي مزدورن جي تعليمي سهولتن کي ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (16 نومبر2017): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جهڙي عظيم ۽ تاريخ ساز شخصيت کانپوءِ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو اهو عظيم ليڊر آهي جنهن تاريخ جي ورقن تي اڻ مٽندڙ نقش مرتب ڪيا ۽ وزيراعظم جي حيثيت سان سڌارا لاڳو ڪيا ۽ ليبر قانون متعارف ڪرايو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ اهڙيون تبديليون ڪيون جنهن ڪري ملڪ ترقي جي راهه تي هلڻ شروع ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهڙن خيالن جو اظهار اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل ورڪرز فنڊ فليٽس بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، سڌسماءِ، ٽرانسپورٽ ۽ ليبر اينڊ ويلفيئر فنڊ وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سيڪريٽري ليبر اينڊ هيومن رسورسز عبدالرشيد سولنگي، سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئرز بورڊ سنڌ آصف علي ميمڻ، ورڪرز ويلفيئر فنڊ اسلام آباد، سنڌ حڪومت جي ليبر کاتي ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن سميت معزز شخصيت شرڪت ڪئي. وڏي وزير ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جا ٿورا مڃيندي چيو ته هُو قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڇڏي تقريب ۾ شريڪ ٿيو. هن چيو ته فليٽن جي تعمير جا منصوبن جي شروعات سيد خوشيد شاهه جي وزارت واري دور ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي اڳواڻي صدر آصف علي زرداري جي اڻٿڪ محنت ۽ ڪوششن سان ارڙهين آئيني ترميم قومي اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي وئي ۽ ليبر سان لاڳاپيل کاتن کي صوبي جي حوالي ڪيو ويو ۽ صوبن کي قانونسازيءَ جا اختيار ڏنا ويا. سنڌ حڪومت ان مامري ۾ ليبر ورڪرز قانون صوبائي اسيمبليءَ مان يڪراءِ سان منظور ڪرايو جنهن جي لاڳو ٿيڻ سان سنڌ جي عوام ۽ هن صوبي جي محنت ڪندڙن جي خوشحاليءَ کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ترقياتي ڪمن کي تيزيءَ سان مڪمل ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي منشور اٽي، لٽي ۽ اجهي کي مدنظر رکندي ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ مزدورن جي خوشحالي ۽ بهبود لاءِ رهائش، جهيز گرانٽ، ڊيٿ گرانٽ ۽ تعليم ۽ تدريس جي منصوبن جي عمل ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ جا اختيار پهرين وفاق وٽ هئا پر هاڻ صوبي ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن پنهنجو قانون صوبائي اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ جون هن وقت تائين اٺ گڏجاڻيون ٿيون آهن. ان مد ۾ سنڌ حڪومت ورڪرز ويلفيئرز فنڊ لاءِ 250 ملين رپيا پنهنجو حصو مختص ۽ منظور ڪيو آهي. هن چيو ته اڄوڪي تقريب انهيءَ سلسلي سان جڙيل آهي جيڪا سنڌ حڪومت جي وزير ليبر اينڊ هيومن رسورسز کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه، سيڪريٽري ليبر اينڊ هيومن سورسز جي مسلسل جدوجهدو جو نتيجو آهي. ان موقعي جي مناسبت سان مان 18هين آئيني ترميم بعد محنت ڪندڙن لاءِ ورڪرز ويلفيئرز فنڊ سنڌ پاران ڪيل اپائن بابت هن ٻڌايو ته ورڪرز جي نياڻين جي شادين لاءِ ڏاج گرانٽ جي مد ۾ 300 ملين رپين جي خاطر خواهه رقم مان اڃا تائين 80 ملين رپيا ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ ورهايا ويا آهن ۽ باقي رهيل 220 ملين رپيا ايندڙ ٽن کان چئن مهينن ۾ ورهايا ويندا. ڊيٿ گرانٽ جي مد ۾ 100 ملين رپيا ورهايا آهن ۽ باقي درخواست گذارن کي هلندڙ مالي سال دوران ڏنا ويندا. اسڪالرشپ براءِ تعليمي سال 17-2016ع جي مد ۾ 200 ملين رپيا موصول ڪيل درخواستن جي جاچ پڙتال بعد ٻن کان ٽن مهينن اندر ورهايا ويندا. صنعتي مزدورن جي ٻارن کي تعليمي سهولتون جيڪي ورڪرز ويلفيئر فنڊ ختم ڪيا هئا انهن کي بحال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ ورڪرز ويلفيئر فنڊ اسلام آباد مان منتقل ڪيو ويو، ميٽرڪ ٽيڪ ايجوڪيشن پروجيڪٽ جي سمورن ملازمن کي مستقل ڪيو ويو آهي ۽ صوبي ۾ ورڪرز ويلفيئرز بورڊ سنڌ جون 31 ڪالونيون ۽ 22 تعليمي درسگاهون جن جي مرمت وارو ڪم جلد شروع ٿيندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ورڪرز ويلفيئرز بورڊ سنڌ تحت ڪراچي ۾ 3008 فليٽس، حيدرآباد ۾ 1500 فليٽس، ڪوٽڙيءَ ۾ 500 فليٽس، نوري آباد ۾ 200 فليٽس، لاڙڪاڻي ۾ 96 فليٽن جو ڪم اٽڪل 99 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي، جيڪي تمام جلد ڪڻن ذريعي محنت ڪندڙن کي الاٽ ڪيا ويندا. هن محنت ڪندڙن جي رهائشي مسئلن کي ڏسندي ۽ انهن جي حل لاءِ ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ سڄي صوبي ۾ رهائشي اسڪيمون پڻ شروع ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ 4096 فليٽس، ڏهرڪي ۾ 2048 فليٽس، ڪوٽڙي ۾ 1504 فليٽس، ٽنڊو محمد خان ۾ 256 فليٽس ۽ ٽنڊو الهيار ۾ 256 فليٽس تعمير ڪيا ويندا. وڏي وزير چيو ته محنت ڪندڙ جي ٻارن جي تعليمي ۽ تدريسي گهرجن کي ڏسندي ورڪرز ويلفيئرز بورڊ سنڌ نوان اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪري رهيو آهي، جن ۾ ورڪرز انٽرميڊيٽ ڪاليج ڪورنگي ڪراچي، ورڪرز انٽرميڊيٽ ڪاليج لانڍي ڪراچي، ورڪرز انٽرميڊيٽ ڪاليج نيو ڪراچي، ورڪرز انٽرميڊيٽ ڪاليج حيدرآباد، ورڪرز انٽرميڊيٽ ڪاليج گهوٽڪي، ورڪرز انٽرميڊيٽ ڪاليج سکر، ورڪرز ماڊل اسڪول ٺٽو، ورڪرز ماڊل اسڪول گهوٽڪي شامل آهن. تقريب جي آخر ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي پاليسين مطابق ورڪرن لاءِ ليبر کاتي وڌ ۾ وڌ اپاءَ وٺي رهيو آهي ته جيئن عوامي حڪومت جون پاليسيون مزدورن جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو ضامن بڻجي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ، ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جو باعث بڻجي. وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جڏهن سنڌ حوالي ڪيو ويو ته ان جو بجيٽ 700 ملين رپيا هو ۽ هاڻي ان جو بجيٽ 8.5 بلين رپيا آهي. هن چيو ته اسان اين آءِ سي وي ڊي کي هڪ زبردست فڪيلٽي بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هڪ ايم اين اي جنهن کي اسلام آباد ۾ دل جي تڪليف ٿي ۽ هُو اتان کان علاج خاطر اين آءِ سي وي ڊي آيو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سدائين مزدورن لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ اهي مزدور اسان جي معيشت جو اثاثو آهن، انڪري اسان کي انهن جو خيال رکڻو آهي. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه خطاب ڪندي چيو ته مزدورن لاءِ اهو منصوبو تمام اهم آهي ۽ مزدور ۽ هاري ملڪ جي معيشت جو ڦيٿو هلائيندا آهن. محنت ڪندڙ کي فليٽ جي فراهمي پيپلز پارٽي جي پاليسيءَ جي مطابق آهي. ليبر اينڊ هيومن رسورسز واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته خورشيد شاهه جي ڪوششن سان اهو منصوبو مڪمل ٿيو آهي ۽ محنت ڪندڙ کي اهي فليٽ ملي رهيا آهن. هن چيو ته محنت ڪندڙ لاءِ معياري فليٽس تيار ڪيا ويا آهن ۽ مزدورن جي رهائشي علائقن ۾ صحت جون سهولتن جي فراهميءَ کي به يقيني بڻايو ويو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته بجيٽ ۾ محنت ڪندڙن جي سهولتن لاءِ وڌيڪ فنڊ مختص ڪيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *