ڪلڀوشن جو ٺاهيل نيٽ ورڪ ئي بلوچستان ۾ ڪارروايون پيو ڪري: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته دشمنن بلوچستان کي پنهنجي تخريبي سرگرمين جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪومت ڪلڀوشن کي مهمان بڻائي رکيو آهي، انساني همدردي تحت ساڻس گهر ڀاتين سان ملاقات جي به آڇ ڪئي وئي آهي، جنهن کي ڀارتي ميڊيا پاڪستان تي دٻاءَ جو نتيجو قرار ڏئي رهي آهي، ڪيترن ئي پاڪستانين جي رت ۾ رڱيل شخص لاءِ انساني همدردي جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڪلڀوشن جو ٺاهيل نيٽ ورڪ ئي بلوچستان ۾ ڪارروايون ڪري رهيو آهي. حڪومت اثرائتا قدم کڻي. منصورا ۾ مختلف وفدن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي سينيٽر سراج الحق چيو ته ڪرپشن ڪندڙ سياستدان قيادت جا اهل ناهن، وقت اچي ويو آهي ته سياست ۽ ڪرپشن کي ڌار ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته جماعت اسلامي ڪرپشن خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته 2018ع جي چونڊن دوران ڪرپشن خلاف تحريڪ کي عروج تائين پهچائينداسين ته جيئن ڪرپٽ ۽ بد ديانت ماڻهن کي عوام جي حقن تي ڌاڙي جو موقعو نه ملي سگهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *