سٺي سماج لاءِ رواداري ۽ برداشت کي هٿي وٺرائي وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اين اين آءِ) پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته بهتر سماج لاءِ رواداري ۽ برداشت تي هٿي وٺرائي وڃي، پ پ جي قيادت ۽ ورڪرز هميشه رواداري ۽ برداشت جا امين رهندا، هن رواداري ۽ برداشت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عدم رواداري ۽ عدم برداشت سان معاشري ۾ تشدد پکڙجي رهيو آهي، بهتر سماج لاءِ رواداري ۽ برداشت تي کي هٿي وٺرائي وڃي، هن چيو ته پ پ رواداري ۽ برداشت جو ٻيو نالو آهي، اسان تشدد، ناانصافيون، ڪوڙا ۽ ميڊيا ٽرائيل برداشت ڪيو، پ پ جي قيادت ۽ ورڪرز هميشه روداري ۽ برداشت جا امين رهندا، رواداري ۽ برداشت کي هٿي وٺرائڻ پ  پ جو اهم مشن آهي ٻيون سياسي پارٽيون به پ پ جي پيروي ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *