صنعا ۾ تازن حملن ۽ چڪرين ۾ 29 حوثي باغين سميت 40 ڄڻا مارجي ويا

صنعا (م.ڊ) يمن ۾ سعودي اتحادي جهازن جي حملن  جي چڪرين  ۾ 29 حوثي باغين سميت 40 ماڻهو مارجي ويا. هڪ غير ملڪي خابرو ايجنسي مطابق سعودي اتحادي جهازن گادي واري شهر صنعا سميت يمن جي مختلف شهرن ۾ باغين جي فوجي اڏن ۽ ڪيترن ئي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي، حديدا ۾ فوجي ائيرپورٽ کي ٻه دفعا نشانو بڻايو. جڏهن ته حجا ۾ به باغين هڪ اجتماع تي هوائي حملو ڪيو، حملي ۾12 باغي مارجي ويا. اتر يمن ۾ قبائلين ۽ حوثي باغين وچ ۾ چڪرين ۾ 17 باغين سميت 28 ڄڻا مارجي ويا. اقوام متحده موجب يمن ۾ جاري جهيڙي ۾ هينئر تائين 1000 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *