اڳوڻي وزيراعظم سان سندس مغوي پٽ جو 8 منٽ فون تائين رابطو، پٽ خيريت سان آهي: يوسف رضا گيلاني

ملتان (اي پي پي)اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان سندس مغوي پٽ علي حيدر گيلاني فون تي رابطو ڪيو آهي، ڳالهه ٻولهه دوران يوسف رضا گيلاني لڙڪ لاڙي ويٺو، يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سندس پٽ خيريت سان آهي ۽ سندس حوصلا بلند آهن. علي حيدر گيلاني افغانستان مان پنهنجي والد يوسف رضا گيلاني سان اغوا کانپوءِ پهريون ڀيرو فون تي رابطو ڪري 8 منٽن تائين ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. علي حيدر گيلاني کي اغوا ڪندڙن فون تي يوسف رضا گيلاني سان رابطو ڪرايو، علي حيدر پنهنجي خيريت بابت والد کي آگاهه ڪيو، جڏهن ته يوسف رضا گيلاني تصديق ڪندي چيو آهي ته علي حيدر گيلاني جي ڪال افغانستان مان آئي آهي.. ڳالهه ٻولهه دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي به موجود هو، جيڪو يوسف رضا گيلاني کي دلاسا ڏيندو رهيو. يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته سندس پٽ خيريت سان آهي ۽ سندس حوصلا بلند آهن، اميد ته سندس پٽ جلد بازياب ٿي گهر پهچي ويندو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڳالهه ٻولهه دوران هو به موجود هو، علي حيدر گيلاني خيريت سان آهي. اڳوڻي ايم پي اي جاويد صديقي جو چوڻ آهي ته افغانستان مان آيل فون تي فقط علي حيدر گيلاني ڳالهايو، يوسف رضا گيلاني هڪ تقريب ۾ موجود هو، جتي فون آئي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي. واضع رهي ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني کي 2013 ۾ عام چونڊن دوران ملتان مان اغوا ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *