صفورا واقعي ۾ ملوث 4 ٻيا ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن: ايڊيشنل آئي جي ڪراچي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل آئي جي غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ته صورا واقعي جا ٻيا4 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام قادر ٿيٻو جو چوڻ هو ته صفورا واقعي جي جاچ ٺيڪ راهه ڏانهن وڌي رهي آهي،دهشتگردي جي ان ڪارروائي۾ 12 ڏوهاري ملوث هئا ۽ انهن جو گروهه 35 ميمبرن تي ٻڌل آهي، جن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون خاص ٽيمون سنڌ  ۽ پنجاب ۾ موڪليون ويون آهن. هن چيو ته ٿيندڙ گرفتاريون سنڌ جي انرين علائقن ۽ پنجاب مان ٿيون آهن. انهن ئي ڏوهارين بس ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي هئي ۽ انهن مان هڪ ڏوهاري جو تعلق برما سان آهي.پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ ميڊيا جي نمائندن گذريل ڏينهن هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران صحافين تي تشدد جي  واري اقعي خلاف احتجاج ڪندي تقريب جو بائيڪاٽ ڪيو، انڪري ايڊيشنل آئي جي پاران پوليس جي رويي تي معافي  ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو يقين  ڏيارڻ تي ميڊيا جي نمائندن  احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *