ڪراچي جي چنيسر ڳوٺ مان 3 لاش هٿ،ٽنهي کي اغوا بعد قتل ڪيو ويو، ٽئي ڏوهاري هئا: پوليس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي محمود آبادجي چنيسر ڳوٺ مان 3 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، پوليس مطابق ٽنهي کي اغوا کانپوءِ قتل ڪيو ويو آهي، پوليس ٻڌايو آهي ته مارجي ويلن جو تعلق نشو وڪڻندڙ ٽولي سان آهي، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي، جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا ، مقتولن جي سڃاڻپ سليم الله، فشو ۽ طلحا جي نالن سان ٿي آهي، ٽنهي جو شهر جي مختلف ٿاڻن ۾ڏوهن جو رڪارڊ موجود آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي ڄڻن کي سندن مخالف ٽولي اغوا ڪري قتل ڪيو آهي، پوليس مطابق ٽنهي جو تعلق ملير جي عادل گروپ سان هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *