سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي ڪليم امام جي بدلي روڪي ڇڏي، ڪم جاري رکڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي جي تبديلي بابت ڪيس ۾ چيو آهي ته جيستائين اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو جواب نٿو اچي، تيستائين ڪليم امام ئي آءِ جي رهندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي جي تبديلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ سنڌ حڪومت طرفان ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته آءِ جي جي تبديلي تي وفاق ۽ صوبي ۾ ڪا مشاورت نه ٿي، سنڌ حڪومت جي خط ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ صلاح مشوري جو ذڪر ناهي، وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي درخواست منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، وفاق چيو ته جيستائين ڪليم امام بابت فيصلو نٿو ٿئي، چارج ڪنهن ٻئي آفيسر کي نٿي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت  ٽيليفون ذريعي هدايتون ڏنيون آهن، اهو عوامي مفاد جو معاملو آهي. جسٽس محمد علي مظفر ريمارڪس ڏنا ته وفاق طرفان سنڌ حڪومت کي اڃا تائين ڪو جواب ناهي ڏنو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي ته صوبي ۽ وفاق جي مشاورت کانپوءِ آءِ جي تبديل ٿيندو، قانون ۾ آءِ جي سنڌ جي عهدي جو مدو 3 سال آهي، نئين آءِ جي جي مقرري قانون موجب ڪئي وڃي. عدالت چيو ته سنڌ حڪومت طرفان آءِ جي کي تبديل ڪرڻ جي خط جو اڃا تائين جواب ناهي مليو، جيستائين اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کان جواب نٿو اچي، ڪليم امام ئي آءِ جي رهندو، اسان آءِ جي جي تبديلي کان نٿا روڪيون پر اها قانون موجب ٿيڻ گهرجي. پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *