ملڪي سالميت ۽ خودمختياري تي رهڙ به نه اچڻ ڏني ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي وچ ۾ ملاقات دوران ڀارتي مداخلت وارو معاملو ڀرپور طريقي سان عالمي سطح تي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪي سالميت  ۽ خودمختياري  تي رهڙبه  اچڻ نه ڏني ويندي، خطي ۾ امن خواري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.  اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڀارتي مداخلت وارو معاملو گڏيل قومن آڏو اٿارڻ، وزيراعظم جي آمريڪي دوري ۽ جنرل اسيمبلي کي خطاب سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب، مليحه لوڌي، ڀارتي مداخلت بابت گڏيل قومن کي خط لکڻ واري معاملي تي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته ڀارتي مداخلت وارو معاملو ڀرپور نموني سان عالمي سطح تي اٿاريو ويندو. وزيراعظم نواز شريف ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي پر امن واري ڪوششن کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪي سالميت ۽ خومختياري جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، ملڪي سالميت تي هڪ رهڙ به برداشت نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *