صدارتي ريفرنس ڪيس، اليڪشن ڪميشن سُتي پئي آهي ۽ جاڳڻ لاءِ تيار ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس ڪيس ۾ دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي راءِ محفوظ ڪري ورتي. سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جتي پاڪستان بار ڪائونسل جي وڪيل منصور عثمان دليل ڏنا ته قومي اسيمبلي جي چونڊ سڌي ريت ۽ سينيٽ جي چونڊ نمائندگي جي شرح ذريعي مڪمل ٿيندي آهي، ڪرپٽ پريڪٽس خلاف قدم چونڊ کان اڳ هجڻ گهرجن، جيڪڏهن ان دليل کي مڃيو وڃي ته آئين جي آرٽيڪل 218 جو ڪو فائدو نه رهندو، جيڪڏهن سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرايون ويون ته ان جو تاثر سڀني چونڊن تي هوندو؟ حقيقت ۾ اليڪشن جو مطلب ئي سيڪريٽ بيلٽ آهي. چيف جسٽس چيو ته عدالت سامهون سوال رڳو آرٽيڪل 226 لاڳو ٿيڻ جو آهي، ڪهڙو سبب آهي جو چونڊ عمل سان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ترميم نه پئي ڪئي وڃي؟ چونڊ عمل شفاف بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ ٺهراءَ منظور ٿيندا آهن، پ پ جي دور ۾ به سينيٽ چونڊن جي حوالي سان موقعو هو، سياسي جماعت سينيٽ چونڊن ۾ ڪرپٽ پريڪٽس کي تسليم ڪري رهي آهي، توهان ويڊيو به ڏٺيون آهن، ڇا توهان ٻيهر اهو ئي ڪرڻ چاهيو ٿا، سڀ ڪرپٽ پريڪٽس کي تسليم به ڪري رهيا آهن پر خاتمي لاءِ قدم ڪير نه پيو کڻي، هر جماعت شفاف چونڊون چاهي پر بسم الله ڪير نٿو ڪري. لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل خرم چغتائي دليل ڏنا ته وفاقي حڪومت کي عدالت کان راءِ گهرڻ جو اختيار ناهي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن سُتي پئي آهي ۽ جاڳڻ لاءِ تيار ناهي، اليڪشن ڪميشن کي ڪرپشن به روڪڻي آهي رڳو چونڊون ناهن ڪرائڻيون، گهڙي گهڙي پڇيو ته ڪرپشن روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا پر ڪو جواب نه مليو. اٽارني جنرل جواب الجواب ڏيندي چيو ته ووٽ جو جائزو وٺڻ سان رازداري ختم ناهي ٿيندي، ڪو شهري پئسو وٺي ووٽ نه ڏئي اهو ڏوهه هوندو، ڪو ايم پي اي ووٽ نه وجهڻ جا پئسا وٺي ووٽ وجهي ته ڏوهه نه هوندو؟ جسٽس يحيٰ آفريدي پڇيو ته ڇا ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ حتمي هوندي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته حڪومتي عدالتي راءِ جي پابند هوندي، ريفرنس تي نظرثاني درخواستون نه ٿيون اچي سگهن. صدارتي ريفرنس ۾ سڀني ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ پنهنجي راءِ محفوظ ڪري ورتي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *