ڪي ايم سي پاران سنڌ روينيو بورڊ لوڪل ٽيڪس اوڳاڙي ڪندو،  سنڌ حڪومت جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ميٽروپوليٽن جي اوڳاڙين کي تيز ڪرڻ لاءِ سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي ايم سي پاران لوڪل ٽيڪس اوڳاڙڻ جا طريقا ۽ وسيلا معلوم ڪيا وڃن ته جيئن کيس مالي طور مستحڪم بڻايو وڃي. هن اهو فيصلو خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪي ايم سي، ڊي ايم سي، ايڇ اي ڊي، ڪي ڊي اي ۽ ٻين لوڪل ڪميٽين جهڙن مڪاني ادارن جي پينشن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزير زراعت اسماعيل راهو، مڪاني ادارن جو وزير ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، سيڪريٽري زراعت رحيم سومرو ۽ ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي موجود هئا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي ايم سي جا 12900 ملازم آهن ۽ انهن جي پگهار جو بل 560 ملين رپين کان وڌيڪ آهي جڏهن ته پينشن جو بل 330 ملين رپيا آهي پر خرچن جي ڀيٽ ۾ اوڳاڙي تمام گهٽ آهي. مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ڪي ايم سي پنهنجي رٽائرڊ ملازمن کي مستقل بنيادن تي پينشن ڏئي رهي هئي پر گريجوئٽي جي ادائيگي مسئلو بڻجي وئي آهي تنهن ڪري رٽائرڊ ملازمن کي ڏکائيون درپيش آهن. وڏي وزير چيو ته اهو رٽائرڊ ملازمن سان ناانصافي آهي تنهن ڪري بلديات کاتي کي گهرجي ته ناڻي کاتي سان صلاح مشورو ڪندي ان مسئلي کي گهٽ وقت ۾ حل ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪري. جيتريقدر گهڻي وقت جو تعلق آهي ته مراد علي شاهه چيو ته ڪي ايم سي کي پنهنجي اوڳاڙي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.  هن چيو ته رهتن جي ادائيگي ۾ کوٽ جي صورت ۾ ناڻي وارو کاتو گهربل فنڊ فراهم ڪندو. مراد علي شاهه ايس آر بي کي هدايت ڪئي ته ڪي ايم سي جي لوڪل ٽيڪس اوڳاڙڻ جا طريقا ۽ وسيلا ڳولڻ شروع ڪري ته جيئن انهن جي آمدني کي وڌايو وڃي. هن سيڪريٽري بلديات کي هدايت ڪئي ته ايس آر بي سان گڏ اجلاس گهرائي ڪي ايم سي جي اوڳاڙين  لاءِ گهربل وسيلا ڳوليا وڃن. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته ڪي ايم سي پنهنجي آمدني پيدا ڪرڻ وارو ادارو بڻجي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي ۾ سڌارو آڻيندي خودمختيار ادارو بڻجي.  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت آڪٽراءِ ۽ ضلع ٽيڪس جي مد ۾ 161.035 ملين رپيا، 430 ملين رپيا ريگيولر گرانٽ ان ايڊ، 215.489 ملين رپيا پينشن ڀائيواري ۽ 806.524 ملين رپيا ڪي ايم سي کي ماهوار بنيادن تي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اسان مڪمل ريت ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر انهن کي پنهنجن خرچن تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي وسيلن کي ڳوليندي هڪ بهترين ادارو بڻڻ گهرجي. وڏي وزير کي جيو ميپنگ ذريعي پراپرٽي کي ڊيٽا ڊجيٽل ڪرڻ ۽ غير رجسٽرڊ مارڪيٽن ۽ دڪانن کي ريگيولر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي ايم سي موجوده مارڪيٽ ويليو موجب ڪراين جي شرح کي وڌائڻ لاءِ سروي ڪرڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته ڪي ايم سي وٽ پيٽرول پمپ آهن ۽ انهن کي انفرادي طور ڏيڻ بدران ترجيحي بنيادن تي تيل ڪمپنين کي نيلام ڪيو وڃي. هن مشورو ڏنو ته توهان وٽ ڪيتريون ئي املهه جڳهين تي ڪشادا پلاٽ آهن جتي ڪي ايم سي پي پي پي موڊ تحت نوان فلنگ اسٽيشن ۽ مالز قائم ڪري سگهن ٿا. مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر شاهه چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي صحيح رخ ۽ جذبي سان عملدرآمد ڪيو ويندو. زراعت واري وزير اسماعيل راهو مارڪيٽ ڪميٽين ۽ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جو معاملو اٿاريو. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڄاڻايل مسئلن کي ون ٽائيم ريليف ڏيندي حل ڪيو وڃي ۽ انهن لاءِ ڪا اهڙي حڪمت عملي جوڙي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهي ادارا پنهنجن وسيلن مان پگهارون، پينشن ۽ گريجوئيٽي ادا ڪري سگهن.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳوٺن ۾ بجلي ۽ گئس جي فراهمي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي توانائي کاتي کي هدايت ڪئي ته ڊسڪوز ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ سان گڏجي ويجهن رابطن ذريعي ڳوٺن تائين بجلي ۽ گئس ڏيڻ واري ڪم کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ڳوٺن جي گهربل تفصيل ۽ فنڊز ڏئي ڇڏيا آهن تنهنڪري ڪم شروع ڪيو وڃي ۽ جتي ڪم هلندڙ آهي اتي ڳوٺن جي مفاد خاطر ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ وليج اليڪٽريفڪيشن ۽ گيسيفڪيشن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي وارو وزير امتياز شيخ، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، ڊي جي پاور عزيز الله ميمڻ ۽ ڊي جي آئل اينڊ گئس شرڪت ڪئي. توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ اجلاس کي ٻڌايو ته 100 ڳوٺن جي آبادي وارا ڳوٺ جيڪي موجوده 11 ڪي وي جي چئن ڪلوميٽرن اندر ۽ ايڇ ٽي لائينن کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهن اهي بجلي لاءِ اهل آهن. صوبائي حڪومت بجلي جي فراهمي لاءِ 1124 ڳوٺن جي چونڊ ڪئي آهي جن مان ڊسڪوز 638 ڳوٺن جي ڪاٿي لاڳت تيار ڪئي آهي جيڪا 1.473 ملين رپيا بڻجي ٿي. ڊسڪوز باقي بچيل 486 ڳوٺن لاءِ ڪاٿي لاڳت تيار ڪري رهيو آهي جيڪا اٽڪل 966 ملين رپيا ٿي سگهي ٿي.  اهڙيءَ ريت 1124 ڳوٺن لاءِ اٽڪل 2.439 ملين رپيا استعمال ٿيندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گهربل رقم فراهم ڪئي ويندي پر بجلي جي فراهمي جو ڪم شروع ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت 08-2009 کان 13-2012 تائين 961 ڳوٺن جي گيسيفڪيشن لاءِ 6.5 ارب رپيا جاري ڪيا هئا. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 5.1 ارب رپين ۾ مڪمل ٿي چڪو آهي، 43 ڳوٺن ۾ 361.9 ملين رپين جي لاڳت سان ڪم هلندڙ آهي ۽ ٻين 58 ڳوٺن ۾ 239.983 ملين رپين جي  لاڳت سان ڪم شروع ٿيڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *