ڀاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي، ڊي جي ملٽري آپريشنز جو هاٽ لائين تي رابطو، جنگبدي معاهدي تي عمل ڪرڻ تي اتفاق

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ ڀارتي فوج جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز هاٽ لائن تي رابطي دوران بنيادي معاملا ۽ خدشا حل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز جو هاٽ لائن تي رابطو ٿيو، جنهن ۾ لائن آف ڪنٽرول ۽ ٻين سڀني سيڪٽرن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جي گفتگو سٺي ماحول ۾ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻنهي ملڪن امن جي تباهي ۽ تشدد کي هٿي ڏيڻ جي بنيادي معاملن ۽ خدشن کي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين گڏيل معاهدن، سمجهوتن ۽ ايل او سي سميت ٻين سيڪٽرن تي سيز فائر تي 24 ۽ 25 فيبروري جي وچين رات کان سختي سان عمل تي اتفاق ڪيو، هاٽ لائن گفتگو دوران ان ڳالهه جو به عزم ڪيو ويو ته ڪنهن به غير امڪاني صورتحال يا غلط فهمي کي ختم ڪرڻ لاءِ هاٽ لائن رابطي ۽ بارڊر فليگ ميٽنگ جو موجوده طريقي ڪار استعمال ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *