صدارتي ريفرنس کي منهن ڏيندڙ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايندڙ 11 سيپٽمبر تي ڪيسن جون  ٻڌڻيون شروع ڪندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جوڊيشل ڪائونسل (ايس جي سي) ۾ صدارتي ريفرنس کي منهن ڏيندڙ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايندڙ 11 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ جي نئين عدالتي سال 20-2019 شروع ٿيڻ تي ڪيسن جون  ٻڌڻيون شروع ڪندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن تي ٻڌل بينچ جي سربراهي ڪندو جنهن ۾ جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس اعجازالحسن به شامل هوندا. برطانيا ۾ زال ۽ ٻارن جي نالي ملڪيت تي جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ٻڌڻي شروع ٿيڻ کان پوءِ هن ڪنهن به بينچ ۾ نه ويهڻ جو فيصلو ڪيو هو. پر 3 مهينن کان پوءِ جڏهن سپريم ڪورٽ جي نئين عدالتي سال جي شروعات ايندڙ هفتي ٿيڻ واري آهي ته چار بينچز ٻڌڻي هيٺ پيل ڪيسن جون ٻڌڻيون ڪنديون. نئين عدالتي سال جو تصور چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پيش ڪيو هو جنهن ۾ عدالتي سال جي شروعات ۾ تقريب ڪوٺائي ويندي آهي ۽ چيف جسٽس ايندڙ سال لاءِ ترجيحون ٻڌائيندو آهي. نئين عدالتي سال جي پهرين بينچ جي سربراهي جسٽس آصف سعيد کوسا  پاڻ ڪندو جڏهن ته بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس مظهر خان ميان خيل شامل هوندا. ٻي عدالتي بينچ ۾ جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس منيب اختر، بينچ نمبر ٽئي ۾ جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس قاضي محمد امين احمد جڏهن ته بنيچ نمبر 4 جي سربراهي قاضي فائز عيسيٰ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *