آصف زرداري کي جيل ۾ سهولتون ڏيڻ جو معاملو، احتساب عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، 12 سيپٽمبر تي ٻڌايو ويندو

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتسان عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جيل ۾ عدالتي حڪم ڏيڻ جي باوجود اي سي جي سهولت نه ڏيڻ جي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جيڪو 12 سيپٽمبر تي ٻڌايو ويندو خميس تي ڪيس جي ٻڌڻي راجا جواد عباسي ڪئي. ٻڌڻي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري روسٽرم تي اچي جج راجا جواد عباس کي چيو ته مون کي ان کان اڳ به جيل ۾ اي سي جي سهولت ڏني ويئي هئي لطيف کوسه چيو ته آصف زرداري کي جيل ۾ اي سي جي سهولت نه ڏيئي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آهي جج آصف زرداري کان پڇاڻو ڪيو ته انهيءَ جيل ۾ اوهان کي اي سي جي سهولت ڏني ويئي اهي جنهن تي آصف زردري چيو ته هن عدالت ۽ سمورين عدالتن ۾ هي سهولتون ڏنيون هيون لطيف کوسه چيو ته عدالتي حڪم جي باوجود اي سي ۽ فرج جي سهولت ناهي ڏني ويئي دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 12 سيپٽمبر تي ٻڌايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *