ڪراچي ۾ ناري فيس بڪ تي دوستي ڪرڻ بعد نوجوان کي سعودي مان گهرائي قتل ڪري ڇڏيو، ساٿي سميت گرفتار

ڪراچي (اين اين آءِ) واٽس اپ تي دوستي جو خطرو نتيجو اڳيان اچي ويو، ڪراچي ۾ ڪريم آباد جي گند جي ڍير تان هٿ آيل سڙيل لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي، ڇوڪرو سعودي عرب مان محبت لاءِ ڪراچي آيو هو، نوجوان جي قتل ۾ ان جي محبوبا ملوث نڪري پئي، قتل ۾ فلاحي اداري جي گاڏي استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جاچ ادارن ملير جعفر طيار سوسائٽي ۾ ڇاپو هڻي عورت جوابدار شبانا ۽ گينگ وار جي خليل کي گرفتار ڪيو ته ٻنهي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو. تفصيل موجب قاتل حسينا شبانا محبت جي ڄار ۾ ڦاسائي 27 ورهين جي حمزه کي سعودي مان ڪراچي گهرايو هو، جاچ ۾ ظاهر ٿيو ته شبانا 26 رمضان تي حمزه کي سعودي مان ڪراچي گهرايو ۽ لياقت آباد ۾ ڪرائي تي گهر ورتو جتي شبانا 4 ڏينهن رهي، پيسن جي لالچ ۾ شبانا عيدالفطر جي چنڊ واري رات حمزه کي ننڊ جون گوريون کارايون ۽ ڳلي ۾ رسو وجهي موت جي منهن ۾ ڍڪي ڇڏيو، واردات کان پوءِ شبانا پراڻي يار ۽ گينگ وار جي خليل کي گهرايو جيڪو لياقت آباد ۾ شيلٽر هوم هلائيندڙ آهي، خليل ايمبولنس آندي جنهن ۾ لاش کڻي گند جي ڍير تي اڇلايو ويو، عيد جي ڏينهن لاش گند جي ڍير تي پيل رهيو جنهن تي ٻئي ڏينهن جوابدار پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جاچ ادارن ملير طيار سوسائٽي ۾ ڇاپو هڻي شبانا ۽ خليل کي گرفتار ڪيو ته ٻنهي ڏوهه جو اعتراف ڪيو، مقتول حمزه گجرانوالا جو رهواسي آهي جيڪو سعودي عرب ۾ نوڪري ڪندو هو، شبانا پنهنجي دوست خليل سان گڏ واردات کانپوءِ فرار ٿي وئي، قتل کان اڳ شبانا پنهنجي عاشق سان سيلفيون ڪڍرايو، لاش جي سڃاڻپ مقتول جي هڪ ڏند هٿ اچڻ سان ٿي، شبانا ڊيرا اسماعيل خان جي رهواسڻ آهي، جوابدارن کان جاچ ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *