ڪراچي جي ميئر کي 39 ارب رپين جو حصاب ڏيڻو پوندو. ايم ڪيو ايم هميشه نفرت جي سياست ڪئي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب مالي معاملن تي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪي ايم سي کي ٽن سالن ۾ سنڌ حڪومت پاران ڏنل 39 ارب رپين جو حصاب ڏيڻو پوندو ميئر ڪي ايم سي اختيارن جو روئڻو ڇڏي  توهان کي سياست لاءِ نه عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ووٽ مليو هو ايم ڪيو ايم هميشه نفرت جي سياست کي هٿي وٺرايو آهي سنڌ کي ورهائڻ جو خواب ڏسڻ وارا هميشه ناڪام ٿيا آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ ماضي ۾ ڪيترو پئسو مليو ان جو ڪو جواب ناهن ڏيندا مان هميشه انگ اکرن تي ڳالهايو آهي سنڌ حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ ڪي ايم سي کي 39 ارب رپيا ڏنا آهن انهن جو ڇا ٿيو ڪا خبر ڪونهي عوام جا مسئلا حل ڪري سگهيا نه ڪي ايم سي جي حالت بهتر ڪري سگهيا. سنڌ حڪومت او ذي ٽي جي مد ۾ به رقم ڏني ايم ڪيو ايم پاڪستان جا دوست روز پئسا نه ڏيڻ جو چوندا آهن ڇا ايم ڪيو ايم پاڪستان 39 ارب رپين جو ذڪر ڪيو اهو پئسو ڪاٿي لڳايو ويو. ڪي ايم سي ميئر اختيارن جو روئڻو روئيندو آهي اسان ساڍا اٺ ارب رپيا ڪراچي تي پاڻ خرچ ڪيا آهن. هن چيو ته ڪي ايم سي 39 ارب رپين ۾ بڌائي ڪيترا روڊ ٺاهيا ڪيتري مرمت ڪئي اسان 8 ارب سان شاهراهه فيصل، يونيورستي، حب ريور روڊ، ٻارنهن هزار اٺ هزار روڊ، ڪينٽ اسٽيشن، ڪلفٽن، فلائي اوورز، ٽيپو سلطان شهيد ملت فلائي اوور ٺاهيا اهو سڄو ڪم اسان ڪيو ڪي ايم سي ناهن ڪيا.هن سوال ڪيو ته ڇا عباسي اسپتال ۾ علاج ثيندي نظر اچي ٿو ڇا هارٽ ڊيزيز اسپتال ۾ علاج ٿئي ٿو توهان ڪيستائين ڪراچي وارن جي سامهون واڳو وارا ڳوڙها واهيندا رهندو عوام توهان کي سڃاڻي ورتو آهي اهو پئسو سنڌ حڪومت ڏنو آهي هن جا پنهنجا آمدني جا ذريعا آهن پر انهن ڪو هدف حاصل ناهي ڪيو ان جو به حصاب ٿيندو مرتضيٰ وهاب چيو ته توهان کي سياست جو مينڊيٽ نه پر خدمت جو مليو هو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٿي سگهي ٿو پئسا ڪٿي لڳي ويا هجن، ڪنهن جي گاڏي خريد ڪئي هجي هنن کي ايتري توفيق به ڪونه ٿي ته جهانگير پارڪ بڻايون. هن ڪراچي جي شهرين جون دڪانون ڪيرائڻ لاءِ بلڊوزر هلائي ڇڏيا پر ڪم ڪجهه ناهي ڪيو هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي مان پئسو ضرور گڌجي ٿو پر اهو پئسو وفاق ڏانهن وڃي ٿو جتان صوبن کي حصو ملندو آهي سنڌ کي ورهائن جي سوال تي هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هميشه نفرت جي سياست ڪئي آهي جنهن ۾ هو ناڪام ٿيندا هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جا معاملا صوبائي آهن احتساب جو ادارو ڪجهه ڪري رهيو آهي ته اهو غلط آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *