احتجاج ڪندڙن لاهور جي شهرين کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي: عائشا گلالئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر عائشا گلالئي چيو آهي ته احتجاج ڪندڙن لاهور جي شهرين کي ڏکيائين ۾ وجھي ڇڏيو آهي. لاهور جا شهري مون کي وقت ڏين آئون اينديس، انهن کي اسان سوگھو ڪندا سين ۽ گڏجي جيل موڪليندا سين، پارليمنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشا گلالئي چيو ته ايترا احتجاج ٿيندا آهن پر حڪومت ۾ پوءِ به عقل ناهي، سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڊپٽي ڪمشنر اسٽيج لڳائڻ جي اجازت ڇو ڏني، لاهور جا شهري مون کي گھُرائن، گڏجي کين جيل موڪليندا سين، اهي ماڻهو نواز شريف جي دشمني ۾ لاهور جي عوام کان بدلو وٺي رهيا آهن، اهي ماڻهو سرڪاري عمارتن کي ساڙيندا، ڪاروبار جي بندش سان واپارين جو روزانو 5 ارب رپين جو نقصان ٿيندو، ڪو قتل ڪندو ته ڇا سزا ٻين کي ملندي، سندس چوڻ هو ته ڊپٽي ڪمشنر کائن صحيون وٺي ها ته ان نقصان جا ذميوار توهان سڀ هوندا. عائشا گلالئي چيو ته اسيمبلين ۾ اهي ماڻهو ايندا ناهن، مفت جون پگھارون وٺندا آهن، احتجاج ڪندا، روڊ بند ڪندا آهن، سندس چوڻ هو ته زينب واقعي تي گھڻائي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مردان ۾ ٻارڙيءَ سان زيادتي ٿي ان تي عمران خان جو بيان به نه آيو، هن چيو ته شريفان بي بي انصاف لاءِ دربدر ٿي رهي آهي، ايتري ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي پوليس ڇو ڪجهه نٿي چوي. هن چيو ته انهن ۾ ۽ طالبانن ۾ ڪو فرق ناهي، ڪينيڊين شهري هتي رڳو پارٽ ٽائم لاءِ ايندو آهي، عائشا گلالئي چيو ته جهانگير ترين جو رڳو چهرو ۽ نالو استعمال ٿيندو آهي، پيسو ٻيو ڪٿان ايندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *