ايشوريا جي ڪري سلمان سان شادي نه ڪري سگهيس: سومي علي

 

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره، مادل ۽ فلم ساز سومي علي انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هو ۽ بالي ووڊ جو دبنگ اداڪار سلمان خان هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا پر پوءِ انهن جي وچ ۾ ايشوريا اچي وئي، جنهن کانپوءِ ٻئي ڌار ٿي ويا. ڀارتي ويب سائيٽ موجب سلمان خان ۽ سندس اڳوڻي محبوبه ۽ بالي ووڊ اداڪاره سنگيتا بجلاني جي مڱڻي سندس شادي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٽٽي وئي هئي جنهن جو سبب ٻڌائيندي سنگيتا چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا سلمان ۽ سومي علي کي ڊيٽ ڪندي ڏٺو سلمان دوکو ڏئي رهيو هو جنهن سبب مڱڻي ختم ڪري ڇڏي. سومي علي موجب هو فلوريڊا کان ڀارت رڳو سلمان خان سان ملڻ آئي هئي. هن کي اميد هئي ته هو بالي ووڊ ۾ جاءِ ٺاهي سلمان خان سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي پر سلمان خان سان شادي نه ٿي سگهي. سومي علي جو چوڻ هو ته 16 سالن جي ڄمار ۾ سلمان خان سان شادي جا خواب ڏسندي هئس. سومي علي انڪشاف ڪيو ته سلمان خان ايشوريا سان فلم ۾ ڪم ڪيو ۽ ان کانپوءِ ايشريا جي ويجهو ٿي ويو ۽ مونکي وساري ويٺو جنهن کانپوءِ سلمان ۽ مان ڌار ٿي وياسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *