شهيد قومي اثاثو آهن، وارثن جي همٿ غازين جو جذبو حب الوطني قابل تقليد آهي، ڪورڪمانڊر ڪراچي

ڪراچي (اين اين آءِ)ڪور ڪمانڊڙ ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار چيو آهي ته اسان جا شهيد اسان جو قومي اثاثو آهن شهيدن جي وارثن جي همٿ ۽ غازي جو وطن جي حب جو جذبو قابل تقليد آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ملير ڪينٽ ۾ اعزاز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ڪور ڪمانڊر ڪراچي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ اعزاز ماڻيندڙ آفيسرن ۽ عهديدارن کي واڌايون ڏنيون شهيد آفيسرن ۽ عهديدارن کي سندن اعليٰ خدمتن جي اعتراف ۾ ٻلن سان نوازيو ويو چار ستاره امتياز، 17 تمغئه امتياز، 16 تمغئه بسالت آفيسران جونيئر ڪميشن آفيسرز ۽ سولجرز حاصل ڪيا 28 تمغئه بسالت شهيدن جي وارثن وصول ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *