بلوچستان مان گرفتار ”را“ ايجنٽ بابت جاچ ۾ ايران کان مدد وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو زوير چوڌري نثار چيو آهي ته بلوچستان مان را ايجنٽ جي گرفتاري نهايت ڳڻتي جوڳي آهي گرفتاري سان پاڪستان جي ان موقف جي تائيد ٿئي ٿي ته بلوڇستان جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ بيروني هٿ ملوث آهي معاملي جي مفصل تفتيش ٿيڻ اڃا رهيل آهي ۽ جاچ جي سلسلي ۾ حڪومت ايران کان به مدد گهري ويندي جمعي تي گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ گهرو وزير چيو ته ڪوئي ملڪ خطي ۾ امن ۽ دوستي جي اسان جي ڪوششن کي ڪمزوري نه سمجهي هن چيو ته پاڪستان کي حساس ادارن جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي جنهن جي ڪاوشن سان هن ملڪ دشمن نيٽ ورڪ کي ٽوڙيو ويو چوڌري نثار چيو ته هن معاملي جي مفصل جاچ ٿيڻ اڃا رهيل آهي ۽ جاچ جي سلسلي ۾ حڪومت ايران کان به مدد ورتي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *