گذريل سال پاڪستان ۾ 3 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن ۽ ٻارڙين سان جنسي ڏاڍائي ٿي: رپورٽ

سکر(اي پي پي) ننڍي عمر جي ٻارن سان ٿيندڙ جنسي تشدد خلاف جاکوڙيندڙ تنظيم ساحل جي سينيئر ريجنل ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاري ۽ وڪيل هادي ڪالهه سکر پريس ڪلب ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل سال پاڪستان ۾ هڪ هزار 794 ڇوڪرن ۽ هڪ هزار 974 ڇوڪرين سميت  3هزار 768 ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي ٿيڻ جا ڪيس سامهون آيا. جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙ ٻارڙن جي عمر هڪ کان 18 سال ٻڌائي وئي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي جا سڀ کان وڌيڪ 2 هزار 616  ڪيس پنجاب ۾ ٿيا. سنڌ ۾ 638، وفاقي گادي اسلام آباد ۾167، خيبر پختونخواھ ۾ 113، بلوچستان ۾ 207  ۽ آزاد ڪشمير ۾ 21 ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا ٿيا. ڳوٺن ۾ 2 هزار 786  ۽ شهرن ۾ 979 ٻارڙا جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻيا. ساحل موجب پوليس وٽ 2 هزار 571 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا.  سنڌ جي  خيرپور ضلعي ۾ 83 ، لاڙڪاڻي ۾ 58، گھوٽڪي ۾ 71 ، ڪراچي ۾ 19، ۽ حيدرآباد ۾ 30 جنسي ڏاڍائي جا واقعا رپورٽ ٿيا.  هنن ٻڌايو ته ننڍي عمر ۾ شاديون روڪڻ وارو قانون اچڻ بعد سنڌ ۾ بي جوڙ شادين جا 57 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. گھوٽڪي ۾ 16 ، جيڪب آباد ۾ 8 ۽ ميرپور خاص ۾ 5 ننڌي عمر جون بي جوڙ شاديون ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *