ڪي پي ڪي جون اسپتالون فائيو اسٽار هوٽلن بڻجي وڃڻ جو خطرو آھي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: (م.ڊ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته پختونخواهه جي اسپتالن ۾ عام شهرين جي لاءِ ڪابه سهوليت موجود ناهي مون کي خطرو لڳي رهيو آهي ته جلد ڪي پي ڪي جون اسپتالون فائيو اسٽار هوٽلون بڻجي وينديون. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ اقليتن جي عبادتگاهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ متروڪ وقف ملڪيت بورڊ جو چيئرمين، چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران رميش ڪمار عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڌرم شالا جي زمين تي ڪمرشل پلازا تعمير ڪيو پيو وڃي. ان تي چيئرمين متوڪ وقف چيو ته ڌرم شالا قديمي هو ۽ زمين متوڪ وقف جي آهي ان تي تعميرات ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا اهڙي طرح جون سموريون عمارتون ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيون؟ 1932 کان قائم ڌرم شالا اوهان اصل حالت ۾ محفوظ نه رکي سگهيو، چيئرمين صاحب! اوهان پنهنجي ذميوارين کان ڀڄي نٿا سگهو. لاهور جي جين مندر ۽ بليو ڊوم واري معاملي تي ايف آءِ اي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي.؟ عدالت ايف آءِ اي کي ڪراچي ۾ ڌرم شالا جي زمين تي قبضي جو ڪيس ۽ شاهديون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي ماڻهن کي حراسان نه ڪري، ماڻهن کي ايف آءِ اي کان ڊپ نه ڪرڻ گهرجي ته هي کڻي ويندا. ايف آءِ اي جاچ جي نالي تي ڄار وڇائيندو آهي ته ڪيتريون مڇيون وچ ۾ اينديون. سمورو ملڪ ان حرڪتن سبب بدامني جو شڪار آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ايتري وڏو ڪرتارپور راهداري ٺاهيو پيو وڃي. باقي ملڪ ۾ به اقليتن جون عبادتگاهون آهن.رميش ڪمار چيو ته ڪي پي ڪي جي سرڪاري اسپتالن ۾ اقليتن لاءِ ڪي به سهولتون ناهن. جنهن تي چيف جسٽس ڪي پي ڪي جي چيف سيڪريٽري کي روسٽرم تي طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان ڪي پي ڪي جي سرڪاري اسپتالن جو دورو ڪيو آهي؟ چيف سيڪريٽري چيو ته هڪ اسپتال جو دورو ڪيو جنهن ۾ سموريون طبي سهولتون موجود هيون. جسٽس گلزا احمد چيو ته اوهان کي اهو بيان ڏيڻ سونهي نٿو، اوهان جي لاءِ ته هر جڳهه تي سهولتون موجود آهن.پختونخواهه جي اسپتالن ۾ عام شهرين جي لاءِ ڪابه سهوليت ناهي، مون کي خطرو لڳي رهيو آهي ته جلد ڪي پي ڪي جا اسپتال فائيو اسٽار هوٽلز بڻجي ويندا. جنهن کان پوءِ عدالت چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه کي صوبي جي سمورين سرڪاري اسپتالن تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *