شهريت وۡڪڻندڙن لاءِ ڪا به گنجائش ناهي، پاڪستان ۾ صحيح طريقي سان ڪم ڪرڻ مشڪل ئي نه ناممڪن به آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار عليءَ چيو آهي ته آصف علي زرداري، بلاول ۽ ايان عليءَ تي تبصرو ڪرڻ جي لاءِ مان مناسب ماڻهو نه آهيان، سماجي رابطن جي سڀني ويب سائيٽن تي رابطي ۾ آهيون، ڪوئيٽا سانحي جي رپورٽ تي سٺي تياريءَ سان سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، ملا منصور جو سڃاڻپ ڪارڊ 2005ع ۾ ٺهيو، جيڪو سڃاڻپ ڪارڊ غير ضروري بلاڪ ٿيا اهي وري بحال ٿي ويندا، 3 سالن ۾ 32 هزار 400 کان وڌيڪ پاسپورٽ رد ڪيا ويا، پاسپورٽ رد ڪرڻ سولو ڪم نه آهي،  گذريل 3 سالن ۾ 32 هزار 500 پاسپورٽ بلاڪ ڪيا، رد ۽ بلاڪ ٿيندڙ پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ منهنجي دور ۾ ناهن ٺهيا،  18 ميمبرن واري ڪميٽي جوڙي رهيو آهيان جنهن جو مون قومي اسيمبليءَ ۾ واعدو ڪيو هو، پاسپورٽ رد ٿيڻ تي ڪيترن ئي ماڻهن کي تڪليف ٿي،پاڪستان ۾ صحيح ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ غلط ڪم ڪرڻ تمام سولو آهي، جن جا سڃاڻپ ڪارڊ غلط بلاڪ ٿيا، انهن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي رهيا آهيون، بلاڪ ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ روينيو ڊپارٽمينٽ مان 1978 کان پرهيان ڪارڊ پيش ڪرڻ تي بحال ٿيندو، پاڪستان جي شهريت وڪڻندڙن جي لاءِ ڪا گنجائش ناهي، ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندڙن جي وٺ پڪڙ ڪنهن ٻئي مرحلي ۾ ٿيندي، جيتري انگ ۾ ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيا ايتري وٺ پڪڙ ناهي ٿي، اسلام آباد  ۾ ٻارڙيءَ تي تشدد ڪيس اسان جي نوٽيس ۾ ناهي آيو، 18 ميمبرن واري ڪميٽي غلط بلاڪ ڪيل سڃاڻپ ڪارڊن جو جائزو وٺندي، ادارن تي گند اڇلائيندڙ خلاف ڪارروائي ڪنداسين. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري نثار عليءَ جو چوڻ و ته ڪراچيءَ ۾ رينجرز جو آپريشن وڌندو رهندو، تصوير جي جاچ جي لاءِ اٽارني جنلر ايف آءِ اي کي خط لکيو آهي، ٻه سينيئر ترين سياستدان ادارن جي بيعزتي ڪري رهيا آهن، خاناني ۽ ڪاليا ڪيس هلائڻ جي لاءِ اڄ به ڪافي مواد موجود آهي، اوهان رڙيون ڪيو، مون تي ڀلي ذاتي حملا ڪيو پر قانون جو عمل اڳتي وڌندو رهندو، ان وقت کان پوءِ مون کي هاءِ ڪورٽ جي وقت سپريم ڪورٽ جي وقت ڪجھه چيو، ٽرائيل ڪورٽ جڏهن مشرف جو نالو اِي سي ايل مان نالو هٽائڻ جو چيو ته مون ڏانهن سفارش اماڻي وئي، سياسي ارادي سان ادارن کي بدنام نه ڪيو وڃي، پاناما ليڪس تي وزيراعظم ۽ سندس خاندان سپريم ڪورٽ ۾ اڳيان جوابدار آهي، پرويز مشرف جو نالو اڍائي سال اِي سي ايل ۾ رکيو، ٽرائل ڪورٽ کان پوءِ مون کي ڪنهن به چيو، جيڪڏهن ڊيل ٿئي ها ته مشرف خلاف ڪيس ئي نه هلي ها.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *