انتظامي عهدن تي مقرر ڊاڪٽرن هٽائڻ جو حڪم….!!

گذريل ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ صحت کاتي جي ترقياتي ڪمن بابت جائزه اجلاس ٿيو، صوبائي صحت وارو وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.وڏي وزير چيو ته اها تعجب واري ڳالهه آهي ته ڊاڪٽرن کي اسپتالن ۾ مقرر ڪرڻ بدران انهن کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر بڻائي سندن انتظامي فرضن تي لڳايو ويو آهي.اها انهن سان ۽ سندن فرض سان ناانصافي آهي، اوهان انهن کي سندن فرض جنهن جي کين تربيت حاصل ڪئي اٿئون کين اهو ڪم ڏنو وڃي ۽ انهن کي اهو ڪم نه ڏيوجنهن جي انهن تربيت ئي حاصل نه ڪئي آهي. صحت واري وزير ۽ صحت واري سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪندي چيو ته انهن کي هٽائڻ لاءِ پرپوزل ٺاهي موڪلين. وڏي وزير ان ڳالهه تي پنهنجي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو جڏهن کين ٻڌايو ويو ته ملير ۾ صحت جون ڪجهه رٿائون شروع ئي ناهن ڪيون ويون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جا ڊزائن ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي ڊي جي ڊرائين وٽ التويٰ هيٺ پيل آهن. جنهن تي وڏي وزير وراڻيو ته مان ڪنهن به شخص کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏينس ته هُو پنهنجي ڪم توجهه ۽ مخلصيءَ سان نه ڪري.

ورڪس اينڊ سروسز ۽ صحت کاتي جي سمورن آفيسرن کي گهرايو وڃي مان اڄ انهن جو گڏيل اجلاس چاهيان ٿو ته جيئن ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي سگهي ته ڪٿي غلطي آهي ۽ ڪير غلط آهي. انهن سمورن آفيسرن کي جيڪي توجهه ۽ ايمانداريءَ سان ڪم نه پيا ڪن انهن کي گهر موڪيلو وڃي. صحت کاتي جي ترقياتي ڪمن مان خوش ناهيان، صحت کاتي جي انهن سمورن ڳالاپيل آفيسرن جيڪي سڌي ريت پنهنجا فرض نه پيا نڀائن انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪندس. اجلاس دوران  صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صحت کاتي جو ترقياتي بجيٽ 14 بلين رپيا آهي. مجموعي طور تي 146 رٿائون آهن جن مان 9368.750 ملين رپين جي لاڳت سان 89 جاري رٿائون آهن، انهن رٿائن لاءِ 5245.374 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اڃا تائين انهن مان 1677.873 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. رٿائن جا تفصيل ٻڌائيندي سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو چيو ته 2154.94 ملين رپين جون 22 رٿائون آهن جيڪي ترجيحي بنيادن تي هلندڙ مالي سال ۾ پوريون ڪرڻيون آهن. ناڻي کاتي 2154.920 ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن جن مان252.774 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي رهيل رقم به جلد جاري ڪئي ويندي. 6985.331 ملين رپين واريون 65 ٻيون رٿائون به آهن انهن لاءِ 3680.677 ملين جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انهن مان 1396.724 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ 228.499 ملين رپين جون ٻه پرڏيهي فنڊ تحت اسڪيمون به آهن، انهن لاءِ حڪومت 66.765 ملين رپيا جاري ڪيا آهن. سيد مراد علي شاهه ان ڳالهه تي پنهنجي ناپسندگيءَ جو اظهار ڪيو جڏهن کين ڪراچي جي ڇهن رٿائن جن ۾ 149.467 ملين رپين جي ڪارڊڪ ايمرجنسي سينٽر بلديا، 162 رپيا سان سروسز اسپتال کي بهتر بڻائڻ، 4.059 ملين رپين جي لاڳت سان ڪيميڪو بيڪٽرولاجيڪل ليب جي اپ گريڊيشن، 317.8 ملين رپين جي لاڳت سان نيپا ۾ انسيليري ۽ ٻين خدمتن جا اسپتال، 196.642 ملين رپين جي لاڳت سان سينٽرل بلڊ بينڪ جو قيام، 199.771 ملين رپين جي لاڳت سان پي آءِ بي ڪالوني، سولجر بازار ۽ پٽيل پاڙي ۾ ٽن ميٽنرنيٽي هوم جي اپ-گريڊيشن وارين رٿائن تي ٿيندڙ سست رفتاريءَ بابت ٻڌايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *