شهريار مهر ۽ سندس والد آمرن جي پيداوار آهن:آغا سراج دراني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني، اپوزيشن ليڊر شهريار مهر ۽ سندس والد کي چونڊ وڙهڻ جو چئلينج ڪندي چيو آهي ته هو آمرن جي پيداوار آهن. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته شهريار مهر اپوزيشن ليڊر سيٽ وڃائڻ جي ڊپ کان وائڙائپ جو شڪارآهي ۽ مٿس بي بنياد الزام پڻ لڳائي رهيو آهي. هن چيو ته جنهن شخص جي بلاول ڀٽو زرداريءَ سان تصوير ڏيکاري وئي اهو ماضيءَ ۾ اپوزيشن ليڊر جي دستاربندي ڪندو رهيو آهي، ان بابت وڊيوز جلد منظر عام تي آندي ويندي. آغا سراج دراني چيو ته ٿر جي صورتحال واقعي درست ناهي،حڪومت کي گهرجي ته ان معاملي جي جاچ ڪرائي ۽ ٿر جي ماڻهن کي سهولتون ڏنيون وڃن. هن چيو ته ٻارڙن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ صحت کاتي جي ماهرن سان رابطا ڪيا وڃن ته جيئن اصل ڪارڻن جو پتو لڳائي سگهجي ته فوتگين جو سلسلو ڇو نه ٿو رُڪجي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ٿر بابت جلد پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي،جنهن ۾ سمورين پارٽين جو هڪ هڪ نمائندو شامل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *