هندن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ڏهرڪي ۾ نينگري انجلي جي مبينا اغوا خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ هندن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ڏهرڪي ۾ نينگري انجلي جي مبينا اغوا خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته اجلاس دوران انجلي جي واقعي تي پير پاڳاري جو نالو کڄڻ تي هنگامو به ٿيو. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران هندن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ڏهرڪي ۾ نينگري انجلي جي مبينا اغوا خلاف فنڪشنل ليگ جي ميمبر نند ڪمار ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اتفاٰق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته انجلي جي مبينا اغوا، زبردستي شادي ۽ مذهب جي تبديلي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي. اسيمبلي ميمبرن، انجلي جي بازياب ڪرائي کيس والدين حوالي ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو. ٺهراءَ تي بحث ۾ حصو وٺندي پ پ اميدوار احمد علي پتافي چيو ته اقليتن جي مدد بدران هر سياسي جماعت پنهنجي سياست چمڪائي رهي آهي، اقليتن کي جيڪڏهن مسئلو حل ڪرڻو آهي ته نڪاح ڪرائيندڙ حر جماعت جو خليفو آهي. ان دوران پير پاڳاري جو نالو کڄڻ تي هنگامو ٿيو، جنهن بعد اسپيڪر سمورا لفظ حذف ڪري ڇڏيا. صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندن سان زيادتيون افسوسناڪ آهن، اڳوڻي آمر جنرل ضياءَ جي دور ۾ هندن سان زيادتين جو سلسلو شروع ٿيو. منظور وساڻ چيو ته هندن سان زيادتي سنڌ ۽ ملڪ خلاف سازش آهي، انجلي واقعي جي جاچ لاءِ اڻ ڌري ڪميٽي جوڙي وڃي. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته انجلي کي حڪومت بازياب ڪرايو ۽ متاثر خاندان جي داد رسي ڪئي، پ پ حڪومت اقليتن جي تحفظ لاءِ جيڪي قدم کنيا ڪنهن ٻي حڪومت نه کنيا آهن. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته ڏهرڪي واقعي جي آڙ ۾ حڪومت کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نثار کهڙي چيو ته رنڪل ڪماري جي واقعي ۾ ملوث سياسي اڳواڻن کي پ پ ٽڪيٽ نه ڏني هئي، سياستدانن تي ته تنقيد ڪئي ويندي آهي، ان نڪاح ڪندڙ مولوي جو نالو ڇو نه ورتو وڃي جيڪو ڄم واري سرٽيفڪيٽ کانسواءِ نڪاح پڙهائيندو آهي. صوبائي وزير مراد علي شاهه چيو ته آئين ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي ۽ حقن جو تحفظ پ پ جو منشور آهي. هن چيو ته ڏياري جي موقعي تي سنڌ حڪومت سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙ هندو ملازمن کي ايڊوانس سيلري ڏني. مراد علي شاهه چيو ته آسو ٻائي کي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي بينظير ڀٽو شيلڊ ڏني وئي. فنڪشنل ليگ ميمبر نند ڪمار چيو ته 12 ورهين جي نينگري انجلي جي بازيابي لاءِ قدم نه کڻڻ افسوسناڪ آهي. متحده ميمبر فيصل سبزواري چيو ته ننڍي عمر جي شادي خلاف قانون سازي اسيمبلي جو جرئت منداڻو قدم آهي. هن چيو ته اقليتن سان زيادتي تي هڪ اڳوڻي ايم پي اي ڀارت هجرت ڪئي، جبري شادي ۽ مذهب مٽائڻ جهڙن واقعن سان بدنامي اسلام جي ٿيندي آهي. متحده ميمبر فيصل سبزواري مطالبو ڪيو ته انجلي جهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ اسپيشل ڪميٽي جوڙي وڃي. ارم خالد چيو ته انجلي عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته هن پسند جي شادي ڪئي آهي ۽ ايس ايس پي جي رپورٽ ۾ به ساڳو ئي بيان آهي. ارم خالد چيو ته انجلي کي عدالتي حڪم ۽ والدين جي خواهش تي ڪراچي دارالامان موڪليو ويو آهي. لعل چند اڪراڻي چيو ته انجلي کي اغوا ڪيو ويو هو، حڪومت بازياب ڪرايو، هاڻي عدالت فيصلو ڪندي. هن چيو ته هــُو مذهبن جو احترام ڪن ٿا، مذهب مٽائڻ تي اعتراض ناهي پر ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ سان زبردستي شادي درست عمل ناهي. هن چيو ته ڪوٽ راڌا ڪشن واقعي تي به افسوس ٿيو آهي، پنجاب حڪومت اڃا تائين انصاف فراهم ناهي ڪيو. ارم عظيم چيو ته چائلڊ ميريج قانونن تحت ننڍي ٻارڙيءَ سان شادي ڪرائيندڙن کي سزا ملڻ گهــُرجي. سندس چوڻ هو ته عدالتن کي ٻارڙين کي دارالامان موڪلڻ بدران انصاف ڪرڻ گهـُرجي، ڪنهن کي زبردستي مسلمان ڪري شادي ڪرڻ انصاف ناهي. کٽو مل جيوڻ چيو ته اقليتن خلاف ڪارروائيون ٿي رهيون آهن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ننڍي عمر جي 15 ڇوڪرين جو مذهب مٽائي شادي ڪرائي وئي. متحده ميمبر محمد حسين چيو ته عورتن سان ٿيندڙ زيادتين جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بي بس گهراڻن جي عورتن سان زياديتن جو سلسلو افسوسناڪ آهي. نادر مگسي چيو ته انجلي جو معاملو اسلامي تعليم خلاف آهي، ننڍي عمر جي ٻارڙي خوف سبب بيان ڏئي رهي آهي، حڪومت کي اهڙي ريت جي معاملن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ان کان اڳ اپوزيشن ليڊر شهريار مهر چيو ته ٿر جي معاملي تي اڃا تائين پارلياماني ڪميٽي قائم نه ٿي سگهي آهي. شهريار مهر چيو ته ٿر جي صورتحال انتهائي سنگين آهي، فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اجلاس کانپوءِ ٿر جي صورتحال تي پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي. اجلاس دوران صحافين جي معاملن تي بحث دوران اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جا مالڪ ڪيمرائن سان گڏ صحافين جي به انشورنس ڪرائين. شرجيل ميمڻ ايوان کي آگاهي ڏني ته سال 2000ع کان 2014ع تائين 3 ڪروڙ هڪ لک 45 هزار رپين کان وڌيڪ اشتهار جاري ڪيا ويا ۽ اطلاعات کاتي 14 سئو 75 صحافين کي ايڪريڊيشن ڪارڊ جاري ڪيا. هن چيو ته صحافي يا ادارن جي درخواست تي سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، سڄي سنڌ ۾ رجسٽرڊ پريس ڪلبن جو انگ 258 آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ پريس ڪلبس خيرپور ضلعي ۾ آهن جن جو انگ 41 آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته جن صحافين جي مالي امداد ڪئي وئي انهن جي نالن جي لسٽ گهــُرڻ مناسب ناهي، دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ ۽ لاڏاڻو ڪري ويل صحافين جي پوئنرن جي مالي مدد ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته گورنمينٽ جو ڪو به ملازم پنهنجي کاتي جي اجازت کانسواءِ صحافت نه ٿو ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *