سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ چار درخواستون خارج ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ 1997ع ۾ داخل ڪرايل چئن درخواستن کي اڻ اثرائتو قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس ناصر المــُلڪ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ، وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي ۽ 14 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. بابر اعواڻ، منظور قادر، وڪيل محاذ ۽ مولوي اقبال حيدر طرفان درخواستون 1997ع ۾ داخل ڪيون ويون هيون. چيف جسٽس، وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي ۽ 14 هين آئيني ترميم خلاف درخواستون اڻ اثرائتيون قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *