شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله انتها پسندن کي پاليو، فوج کي بدنام ڪيو پيو وڃي: عمران خان

سلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪي ادارا مافيا اڳيان مفلوج آهن، 25 سال گذرڻ باوجود اصغر خان ڪيس نه ٻڌو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته عدالت فيصلو ڪيو پر ايف آءِ اي اڃا تائين اصغر خان ڪيس مٿان ويٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنهن عدالت 25 سالن کان لاڏلي جو ڪيس نه ٻڌو آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ سياسي پارٽي پئسا وٺي بينظير ڀٽو خلاف چونڊ وڙهي. عمران خان چيو ته ملڪي سياسي اڳواڻ پاڻ ئي ملڪ کي بدنام ڪري رهيا آهن، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊرامي باز شهباز شريف آهي،  اصغر خان جون سياست ۾ بي شمار قربانيون آهن. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله انتها پسند گروپن کي پاليو آهي. عمران خان چيو ته شريف ڀائرن آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته کين ٽيون وارو ڏياريو وڃي. هن چيو ته آمريڪا جي موجوده رويي جو ذميوار پنهنجي ملڪ جي اشرافيا کي قرار ڏيان ٿو. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف گذريل دور ۾ آمريڪا کان پنهنجي حڪومت بحال ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. عمران خان چيو ته اصغر خان ڪيس ۾ ڀرپور نموني اڳڀرائي ڪئي ويندي، دنيا سامهون حقيقتون اچڻ گهرجن. هن چيو ته گوادر کان وٺي خيبر تائين سڀني کي پاناما ڪيس بابت خبر پئجي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجي ناڪامي جي ذميواري پاڪستان تي وجهي رهيو آهي. عمران خان چيو ته شهباز شريف روزاني نئين ٽوپي پائي آمريڪين کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن چيو ته شريف ڀائرن ادارن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان چيو ته حڪمران ئي ملڪ کي بدنام ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڻ بچائڻ لاءِ ملڪ کي خراب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پنهنجا ليڊر فوج کي بدنام ڪندا ته ٻين جا هٿ مضبوط ٿيندا، مان وڪي ليڪس جون شيون سامهون آڻڻ چاهيون ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *