سنجي دت جي حياتي تي ٺهيل فلم هلندڙ سال 29 جون تي رليز ڪئي ويندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سنجي دت جي حياتي تي ٺهندڙ فلم کي رليز ڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويوآهي.بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي سپر اسٽار ادڪارسنجي دت جي حياتي تي ٺهندڙ فلم جي رليز جو انتظار مداح ڪيتري ئي عرصي کان ڪري رهيا آهن. فلم سنجي دت جو مرڪزي ڪردار اداڪار رنبير ڪپور ادا ڪيو آهي، سنجي دت جي زندگي شروع کان مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي، سنجو بابا غيرقانوني هٿيار رکڻ کي ڏوهه ۾ جيل جي هوا پڻ کائي چڪو آهي. جڏهن تي سندس نالو ماضي جي سپر اسٽار ادڪارا ماڌوري دڪشت سميت ڪيترن ئي ناليوارين ادڪارائن سان جوڙيو ويو گڏيل طور تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنجي دت جي سموري حياتي دلچسپ رهي آهي. اهو ئي سبب آهي. منا ڀائي ايم بي بي ايس، لگي رهو منا ڀائي، ٿري ايڊيٽس ۽ پي ڪي جهڙيون ڪامياب فلمون ڏيندڙ ناليواري هدايتڪار راجڪمار هيراڻي سنجي دت جي حياتي مٿان فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. فلم جي شوٽنگ 2017 کان جاري آهي پر هن وقت تائين فلم جي نالي ۽ رليز جي تاريخ جو اعلان نه ڪيوويو هو، پر هاڻ فلم جي رليز جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب اسٽار هند ۽ رجڪمار هيراڻي طرفان ڪيل ٽوئٽ موجب فلم هلندڙ سال 29 جون تي رليز ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *