شهباز شريف اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري لاءِ نظرثاني ٿيل نالا وزيراعظم ڏانهن موڪلي ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري لاءِ نظرثاني ٿيل نالا وزيراعظم عمران خان ڏانهن ڏياري موڪليا آهن. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري لاءِ نظر ثاني ٿيل نالا وزيراعظم کي ڏياري موڪليا آهن، شهباز شريف طرفان وزيراعظم عمران خان کي لکيل خط ۾ سنڌ مان سينيئر وڪيل خالد جاويد، جسٽس ( ر ) عبدالرسول ميمڻ ۽ جسٽس ( ر ) نور الحق قريشي جڏهن ته بلوچستان مان صلاح الدين مينگل، شاهه محمد جتوئي ۽ رئوف عطاءَ جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن. شهباز شريف طرفان خط ۾ لکيو ويو آهي ته چونڊن لاءِ هر اميدوار تي تفصيلي گڏيل مشاورت ضروري آهي، اتفاق راءِ  لاءِ مخلص، سنجيدا ۽ حقيقي مشاور ٿيڻ گهرجي، حقيقي مشاورت نه ٿي ته آئيني ذميوري ادا نه ٿيندي. شهباز شريف خط ۾ لکيو ته اوهان اڳوڻن نامزدگين تي ڪوڙا، بي بنياد الزام مڙهيا ۽ خلاف راءِ ڏني، اوهان پنهنجي پرڏيهي وزير جي خط ۾ نامزد شخص کي ئي بعد ۾ ” نااهل “ قرار ڏنو تنهنڪري آئون فيصلو ڪيو آهي ته اهڙي راءِ نه ڏيان جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي، توهان جي نامزد ڪيل ماڻهن جي نالن تي آئون تفصيلي غور ويچار ڪيو آهي، درخواست آهي ته اوهان انهن ترميم ٿيل نالن تي سنجيدگي سان غور ڪريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *