”ن ليگ رڳو سازش ڪري سگهي ٿي مزاحمت نه“، حڪومت عوام جون دليون کٽي ورتيون آهن: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءُ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سنڌ تائين محدود ٿيندڙن جي عوامي مقبوليت ٻڙي آهي. فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سچا هجن ها ته جهموريت جو پٽڻو پٽڻ بدران سچائي جو ثبوت ڏين ها، کين سزا سندن پنهنجن هٿن ڏني آهي. خاص مددگار چيو ته نيب سندن ٺاهيل ۽ چيئرمين سندن پنهنجو مقرر ڪيل آهي، پاناما پيپر اسان جاري نه ڪيو هو. فردوس عاشق چيو ته سنڌ تائين محدود ٿيندڙن جي عوامي مقبوليت ٻڙي آهي، سندس سياسي وجود جو اندازو ڪلهه ڪجهه ماڻهن جي ٻاهر نڪرڻ مان ٿي ويو. هن چيو ته ڪرپٽ ٽولو تحريڪ هلائي پنهنجي رسوائي جو انتظام ڪري رهيو آهي، قومي ناڻو لٽيندڙن جي احتجاج کي عوام رد ڪري ڇڏيندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته تاريخ شاهد آهي ن ليگ ٻين جي ڪلهن تي سوار ٿي آئي، اها رڳو سازش ڪري سگهي ٿي مزاحمت نه.فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڄ حڪومت قانون تي عملدرآمد ڪري عوام جون دليون کٽي ورتيون آهن. فردوس عاشق چيو ته هڪجهڙي قانون کي ممڪن بڻائڻ تي عمران خان کي وڌايون پيش ڪريان ٿي، ٻن وڏين شخصيتن جو قانون پڪڙ ۾ اچڻ هاڪاري اڳڀرائي آهي. حمزا شهباز ۽ آصف زرداري صاحب جو گرفتار ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته قانون سڀ کان مٿانهون آهي، هن چيو ته طاقتور شخصيتن کي قانون  جي پڪڙ ۾ آڻڻ ۽ عدليا جي آزادي وزيراعظم عمران خان جو خواب هو. هن چيو ته عمران خان عوام سان واعدا ڪري آيو هو اڄ واعدن جي مڪمل ٿيڻ ڏانهن پهرين وک آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *