الله تعاليٰ کي پاڪستان تي رحم اچي ويو آهي، جيڪي ماڻهو پڪڙيا پيا وڃن ان سان اسان کي فائدو ٿيندو: وزير اعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته الله تعاليٰ کي پاڪستان تي رحم اچي ويو آهي ۽ جيڪي ماڻهو پڪڙجي رهيا آهن ان سان اسان کي فائدو ٿيندو. اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن دوران کيس لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين جي گرفتاري کان آگاهه ڪيو ويو . مخالف ڌر اڳواڻن جي گرفتاري تي وزيراعظم عمران خان تبصرو ڪندي چيو ته الله تعاليٰ کي پاڪستان تي رحم اچي ويو آهي، جيڪي ماڻهو پڪڙيا پيا وڃن ان سان اسان کي فائدو ٿيندو، مهذب معاشري ۾ ننڍي وڏي لاءِ الڳ قانون ناهي هوندو،  تنهنڪري نئين پاڪستان ۾ سڀني لاءِ هڪجهڙو قانون آهي. اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم جي ترقياتي فنڊ جاري نه ٿيڻ تي شڪايت ڪئي جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته تمام جلد اسيمبلي ميمبرن جي تڪن لاءِ فنڊ جاري ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *