شهبازگل غير فعال اسپتال پهتو، کيس سنڌ اچي اهڙو دوکو ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ ۾ سڌسماءِ جي وزير ناصرحسين شاهه چيو آهي ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چئلينڊ اين آءِ سي وي ڊي جي حوالي سان هو ۽ شهباز گل نسبتن غير فعال اسپتال پهتو شهباز گل کي جيڪب آباد جي غير فعال جي اسپتال جي ڊاڪترن چيو ته هو جيمس وڃي جتي مريض موجود آهن پر هو نه ويو جيڪب آباد جي مرڪزي اسپتال ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو يونٽ به آهي شهباز گل دعوت ملڻ جي باوجود به نه ويو شهباز گل انتظاميه پاران به جيڪبآباد جي مرڪزي اسپتال جي دوري جي دعوت رد ڪري ڇڏي هن چيو ته جيڪب آباد جي نسبتن غير فعال جنهن اسپتال ۾ شهباز گل ويو اتي ڪرونا وارڊ به موجود آهي شهباز گل انهيءِ اسپتال جيڪرونا وارڊ تائين به نه ويو جيڪو مڪمل فعال آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اين آءِ سي وي ڊي، جيمس، ايس آءِ يو ٽي جي اسپتالن جو ذڪر ڪيو شهباز گل عالمي سطح تي پاڻ کي مڃرائندڙ سنڌ جي اسپتالن ۾ وڇڻ بدران گمراهه ڪرڻ لاء نسبتن غير فعال اسپتال پهتو شهباز گل جي نيت ٺيڪ هجي ها ته هو ڪڏهن به اهڙي اسپتال جو دورو نه ڪري ها جيڪب آباد جي سول اسپتال جا ڳچ مريض جمس منتقل ڪيا ويا آهن جيڪب آباد جي 133 بسترن تي ٻڌل جمس اسپتال استيٽ آف آرٽ آهي عالمي صحت جي ادارن جي نمائندن به جيڪب آباد جي جمس اسپتال جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *