ڪورونا وائرس: جولاءِ جا آخري ٻه هفتا خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا: ظفر مرزا

لاهور (م.ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي خراب ٿيندڙ صورتحال کان پوءِ عيدالاضحيٰ جي لاءِ ضابطن جي تيارين تي عالمن سان مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو ويو.  رپورٽ موجب مذهبي معاملن واري وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ گهرو وزير، صحت وارو صلاحڪار، پارلياماني سيڪريٽري ۽ صوبائي حڪومتي ميمبرن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڪورونا کان محفوظ عيدالاضحيٰ جي لاءِ ضابطن جي تيارين بابت عالمن سان صلاح مشورا ڪيا ويا. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته بهتر احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ويون ته جولاءِ جا آخري 2 هفتا موذي وائرس سبب خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان  ڪورونا وائرس  جي وڌندڙ ڪيسن جي حوالي سان خطرناڪ ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي. هوڏانهن مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري چيو ته مختلف صوبن ۽ گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير مان ايندڙ تجويزن جي روشني ۾ صلاح مشوري کان پوءِ قومي لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *