اڄ هر پاڪستاني شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مدبراڻي قيادت جي ڪمي شدت سان محسوس ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد  (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارتي جي چيئرمين بلاول ڀتو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڄمڻ واري ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ هر پاڪستاني شهيد محترمه بينظير ڀتو جي مدبراڻي قادت جي کوٽ شدت سان محسوس ڪري رهيو آهي شهيد محترمه بينطير ڀٽو سياسي اڳواڻن ۽ چونڊيل وزيراعطم طور پاڪستان جي سياست معيشت ۽ معاشري تي هاڪاري نقش چٽيا هڪ بيان ۾ بلاول ڀتو زرداري شهيد محترمه بينطير ڀتو کي ان جي 67هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪئي هن چيو ته ڪرونا وائرس ۽ ماڪر سميت ملڪ آڏو چئلينجز دوران هر پاڪستاني شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت جي کوت شدت سان محسوس ڪري رهيو آهي هن چيو ته آئين جي اصل شڪل ۾ بحالي پارليمان کي اختيار منتقلڪرڻ، صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي شهيد بي بي جي جدوجهد جو ثمر آهي هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلستان جي عوام جي سڃاڻپ عورتن ۽ اقليتن سميت بدحال طبقن کي هر فورم تي نمائندگي به محترمه شهيد جي جدوجهد جو نتيجو آهي بلاول ڀتو زرداري چيو ته غربت گهٽائڻ ۽ عوام جي ترقي جا منصوبا دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي چٿڻ به شهيد بي بي جي ڪوششن جو نتيجو آهي بلاول ڀتو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينطير ڀتو پنهنجي عظيم والد سميت ٻن ڀائرن جي قربانين جي باوجود عوامي حقن جي جدوجهد جاري رکي هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي دور جي ٻن ظالم ۽ جابر آمرن کي پرامن سياسي جدوجهد زريعي کين هميشه لاءِ سياسي زوال جي قبرن ۾ دفن ڪيو. هن چيو ته هو شهيد ڀٽو وانگر شهيد بي بي کي به 22 ڪروڙ عوام ۽ ان جي ايندڙ نسلن جي دلين مان ڪڌهن به نٿو مٽائي سگهجي بلاول ڀتو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جسماني طور اڄ اسان ۾ موجود نه آهي پر ان جو فڪر ۽ فلسفو پاڪستان جي مسئلن جي حل جي چاٻي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *