ملڪ ۾ خدا جي خلق بُک، مهانگائي ۽ نااهلي جي ڪري مري رهي آهي ۽ هنن کي ڏسو! ميچ پيا ڏسن: مريم نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم عمران خان جي ميچ ڏسندي تصوير تي سخت تنقيد ڪئي آهي. مريم نواز طرفان گذريل ڏينهن عمران خان جي سعودي عرب ۾ وزيرن سان گڏ ميچ ڏسڻ جي تصوير شيئر ڪئي وئي ۽ هن تصوير تي پنهنجو تبصرو به لکيو. هن لکيو ته ملڪ ۾ خدا جي خلق بُک، مهانگائي ۽ نااهلي جي ڪري مري رهي آهي ۽ هنن کي ڏسو!. مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته بي ضميري ۽ بي حسي جو جيڪڏهن ڪو چهرو هجي ها ته ته اهو هي هجي ها. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل شام پاڪ ڀارت جي ميچ جو مقابلو پنهنجي وفاقي وزيرن ۽ صلاحڪارن سان گڏ سعودي عرب ۾ ڏٺو جيڪو سرڪاري دوري تي سعودي عرب ويل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *